اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اڱاري ڏينهن اتر سنڌ ۾ سخت ڌُنڌ سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ موسم جهُڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه جاين تي برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي جڏهن ته ميداني علائقا شديد ڌُنڌ جي لپيٽ ۾ رهندا. موسميات کاتي موجب اڄ اڱاري ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم سرد ۽ خشڪ جڏهن ته اولهندي ۽ مٿانهين علائقن ۾ موسم جهُڙالي رهندي. اترئين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ اتر بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. خيبرپختونخواهه جي ميداني علائقن ۽ اتر سنڌ ۾ شديد ڌُنڌ رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم سرد ۽ جهُڙالي جڏهن ته خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، ڪشمير، اتر بلوچستان ۽ مري ۾ برسات رڪارڊ ٿي. پنجاب جا ميداني علائقا ڌُنڌ جي لپيٽ ۾ رهيا. سڀ کان وڌيڪ برسات خيبرپختونخواهه ۾ پٽن 20، ڪالام 10، مالم جبه 08، بالاڪوٽ 06، دير (مٿانهون 05)، ڪاڪول 05، مظفر آباد (سٽي 03، چترال، مير کائي 02، دروش 01، گلگت بلتستان: مين استور 13، اسڪردو 06، گوپس 04، بگروٽ 01، ڪشمير: ڳڙهي دوپٽه 06، مظفرآباد (سٽي 06)، ايئرپورٽ 05)، راولاڪوٽ 01، بلوچستان ۾ ڪوئيٽا 01، پنجاب ۾ مري ۾ 01 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ان دوران مالم جبه 06 انچ، ڪالام، استور 05 انچ، اسڪردو 03 انچ، گوپس 01 ۽ بگروٽ ۾ ٽريس برفباري رڪارڊ ڪئي وئي. ان دوران ملڪ ۾ گهٽ کان گهٽ گرمي پد منفي 08، گوپس، هنزه منفي 07، پاراچنار منفي 06، اسڪردو منفي 04، استور، مالم جبه، بگروٽ ۽ زوب ۾ منفي 03 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.