اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو بيانيو موسمياتي تبديلي جو شڪار ٿي ويو آهي، موسم جي حساب سان عمران خان جا بيان بدلجي رهيا آهن، عمران خان صاحب! هن ملڪ سان 2018ع کان اپريل 2022ع تائين جيڪو ڪجهه ٿيو اهو به ياد ڪريو، پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرائڻ جو توهان جو پلان فيل ٿي ويو آهي. عمران خان جي بيان جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن ايجنٽ، توشه خانه چور، هيرن جو واپاري، زمينن جو سوداگر ۽ قومي مفادن وڪرو ڪرڻ وارو چئي رهيو آهي ته مون ڇا ڪيو آهي. هن چيو ته جنرل (ر) باجوه 2021ع کان اپريل 2022ع تائين جيڪو ڪيو، عمران خان کي 2 جنوري 2023ع تي ياد اچي رهيو آهي. عمران خان اڳ ۾ چوندو هو ته آئون سوچي به نه سگهندو هئس ته هي شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائيندا، هاڻي چوي ٿو ته مون کي گرمين ۾ خبر پئجي وئي هئي. هن چيو ته جنهن جنهن تي عمران خان چوري جو الزام هنيو، انهن 40 سالن جو حساب ڏنو پر عمران خان ڪنهن هڪ سياسي مخالف جي خلاف هڪ ثبوت به پيش نه ڪري سگهيو، توهان پنهنجي چئن سالن جو حساب ڏيو. هن چيو ته جنرل (ر) باجوه جيڪڏهن عمران خان جي خلاف پلان ٺاهي رهيو هو ته پوءِ اپريل 2022ع ۾ ان کي تاحيات ايڪسٽينشن جي آفر ڇو ڏني؟ ان کي بهترين سپهه سالار هجڻ جو تمغو ڇو ڏنو؟ جڏهن عمران خان خبر هئي ته هي احتساب جي خلاف آهي ته پوءِ قوم کي ان وقت ڇو نه ٻڌايو؟ طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ اغوا ڪرڻ لاءِ ڪنهن چيو هو؟ نيب چيئرمين کي وڊيوز ڏيکاري بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪنهن چيو هو؟ جنرل (ر) باجوه کي ايڪسٽينشن نه ڏيڻ گهرجي ها، ته پوءِ ڇو ڏني؟ هن چيو ته سينيٽ اليڪشن ۽ پنهنجي نااهلي بچائڻ ۾ جنرل (ر) باجوه کان مدد ڇو ورتي؟ ماڻهن جو خريد ۽ وڪرو ٿيو ته ان وقت عمران خان جي حڪومت هئي، ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن، سياسي انجنيئرنگ ۽ سياسي خريد ۽ وڪري جو ثبوت عمران خان جي آڊيو ليڪس آهن، سينيٽ ۾ 2018ع ۾ عمران خان سياسي منڊي لڳائي جنهن جا ثبوت سامهون اچي ويا آهن. جنرل (ر) باجوه جي هوندي جيڪڏهن رول آف لاء تباهه ٿيو ته رول آف لاء جا ڪسٽوڊين توهان هئا.