اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي واقعن ۽ سرحد پار تشدد جي ٻيهر ڪر کڻڻ جي حوالي سان افغانستان جي عبوري حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، اميد آهي ته افغان عملدار پاڪستان سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندا ۽ پنهنجي سرزمين کي پاڙيسري ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا، اسان کي ڀارت ۾ انتهاپسند قومپرستي جي عروج ۽ خطي جي لاءِ ان جي توسيع پسنداڻي ارادن تي ڳڻتي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چمن جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾جهڙپن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ افغانستان سان قائم ادارجاتي طريقيڪار کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان افغان عملدارن سان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته شهرين جو تحفظ ٻنهي ڌرين جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي برقرار رکڻ ۽ امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان سميت عالمي حصيدارن سان ڳالهه ٻولهه جاري رکڻي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي پاڪستان تي اثرانداز نه ٿي سگهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغان عملدار پاڪستان سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندا ۽ پنهنجي سرزمين کي پاڙيسري ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا. پاڪستان افغانستان جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي پس منظر ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ چين کان فائدو کڻڻ بابت سوال تي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها اسٽريٽجڪ حصيدار آهن ۽ اسان دهشتگردي جي خاتمي ۽ افغانستان جي صورتحال سميت سمورن دلچسپي جي معاملن تي هڪ ٻئي سان مشورو ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ غيرملڪي دورن جي انگ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن انهن ملڪن جي فهرست پيش ڪئي جن ۾ سعودي عرب (ٻه ڀيرا)، گڏيل عرب امارات (ٻه ڀيرا)، آمريڪا (ٽي ڀيرا)، چين (ٻه ڀيرا)، سوئٽزرلينڊ، ايران، ازبڪستان (ٻه ڀيرا)، ڪمبوڊيا، ازبڪستان، جرمني، مصر، انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو هڪ هڪ ڀيرو دورو شامل آهي. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز کي پگهارن جي ادائيگي ۾ دير جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پگهارن جي فراهمي جي عمل کي بحال ڪيو ويو آهي جنهن کي ناڻي واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ عالمي چينلز بابت ”انتهائي ڏکيو“ مسئلي جي ڪري معطلي کي منهن ڏيڻو پيو. جلد ئي سمورن مشنز وٽ گهربل فنڊز هوندا. پاڪستان ۾ قيد ڀارتي بحريه جي ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو بابت تازي صورتحال بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان جي ان حيثيت ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي. ترجمان چيو ته هن هفتي پاڪستان قزاخستان جي نائب وزيراعظم سيرڪ زومانگارين جي ميزباني ڪندو جيڪو پاڪستان قزاقستان بين الحڪومتي گڏيل ڪميشن جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندو، جيڪو گڏيل طور تي فائديمند تعاون کي فروغ ڏيڻ جو هڪ اهم فورم آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ صنعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، بئنڪنگ، اعليٰ تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته گذريل هفتي ڀارتي وفد هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي نشانو بڻائڻ ۽ بدنام ڪرڻ جي پنهنجي ايجنڊا کي پيش ڪرڻ جي لاءِ عالمي فورم تي سياست ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت پاڪستان کي گري لسٽ مان نڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي عمل کي سياسي بڻايو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اهڙي طرح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته ڀارت عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر طور ڪم ڪرڻ کان قاصر رهيو آهي. ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڀارت دهشتگردي جو شڪار ملڪ ٿيڻ جو روپ ڌاريو آهي جڏهن ته هو پاڻ پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڏاڍ جو مرتڪب آهي ۽ پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگرد گروهن جو سرپرست ۽ مالي مددگار آهي. اسان کي ڀارت ۾ انتهاپسند قومرستي جي عروج ۽ خطي جي لاءِ ان جي توسيع پسنداڻي ارادن تي ڳڻتي آهي، اسان اڃا به ڀارتي قيادت پاران ڀڳپت جي هڪ بي جي پي اڳواڻ پاران تشدد ۽ قتل جي تازي اپيل جي مذمت جا منتظر آهيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته قابض عملدار ڪشميرين جي ملڪيتي جائيدادن کي سيل ڪري رهيا آهن جن ۾ تعليمي ادارن جي لاءِ وقف املاڪ به آهن جيڪي پٺتي پيل ڪشميرين کي مفت تعليم فراهم ڪن ٿا، مرحوم حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني جي برزله سرينگر ۾ موجود ملڪيتي هڪ جائيداد کي به سيل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڀارت کي ان جي سنگين ناانصافين جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو واحد رستو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جو خودمختياري جو حق ڏيڻ آهي جهڙوڪ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي.