اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) انساني حقن جو عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ ان عزم سان ملهايو پيو وڃي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي (يو اين جي اي) جي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي کي برقرار رکڻ جي عزم سان گڏ سمورن ماڻهن جي بنيادي انساني حقن کي يقيني بڻائي. پر ڀارت انساني حقن جي عالمي ادارن جي ريڊار تي هجڻ جي باوجود ڀارتي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ ڪشميرين جي خلاف پنهنجي منظم ۽ بي رحماڻي پاليسين جي ڪري انساني اصولن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. هيومن رائيٽس واچ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت اهڙا قانون ۽ پاليسيون اختيار ڪيون آهن جيڪي مذهبي اقليتن خاص طور تي مسلمانن
سان امتيازي سلوڪ رکندڙ آهن ان کانسواءِ بي جي پي اڳواڻن مسلمانن جي توهين ۽ تشدد ۾ ملوث بي جي پي جي غنڊن کي کلي ڇوٽ ڏئي رکي آهي جن جي خلاف پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي جنهن سان هندو قوم پرست گروهن کي مسلمانن ۽ حڪومتي تنقيد ڪندڙن تي حملو ڪرڻ جي حوصلا افزائي ٿي. ڀارت ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت جي دور ۾ تنقيد ڪندڙن بشمول ڪارڪن، صحافين، پرامن مظاهرين، شاعرن، آرٽسٽن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سياسي طور تي خوفزده ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڇاپن جو خطرو وڌي رهيو آهي. ڀارتي عملدارن غيرملڪي فنڊنگ جي ضابطن يا مالي بي ضابطگين جي الزامن جو استعمال ڪندي انساني حقن جي گروپن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز والاريل ڪشمير کي هڪ کلي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اقيتن کي ڀگوا جنتا پاران وڌندڙ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي درپيش آهي جنهن جي پٺڀرائي بي جي پي ڪري رهي آهي. والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي قتلام، جبري گمشدگي، تشدد، عصمت دري ۽ جنسي استحصال ۽ سياسي ڏاڍ جاري آهي جڏهن ته اظهار راءِ جي آزادي تي مسلسل پابندي آهي.
هيومن رائيٽس واچ پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته گڏيل قومن جي پنجن ماهرن جابراڻي قدمن ۽ مقامي آبادي جي خلاف بنيادي حقن جي منظم خلاف ورزين سميت قومي سلامتي جي ايجنٽن پاران ماڻهن کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ، تلاشين ۽ ملڪيتن جي ضبطگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڀارت ۾ مسلمان تيزي سان هندوتوا جي دهشتگردي جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ انهن کي بنيادي انساني حقن بشمول زندگي، آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي پنهنجي عقيدن جي ڪري مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي. ڊسمبر 2019ع ۾ مودي حڪومت امتيازي شهريت ترميمي ايڪٽ سي اي اي متعارف ڪرايو جنهن ۾ مسلمانن کي شامل نه ڪيو ويو ۽ افغانستان، بنگلاديش ۽ پاڪستان مان ايندڙ هندو، سک، ٻڌ، جين ۽ پارسي ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي هندستاني شهريت جي اجازت ڏني وئي. وزيراعظم جي طور تي مودي پرتشدد سياست ۾ سرگرم آهي جنهن جي پهرين ۽ ٻئي دور جي 7 سالن دوران ڳئون جي ملڪيت ۽ ان جو گوشت کائڻ تي تشدد هڪ اهڙو معمول بڻجي ويو آهي جو ان جي اطلاع گهٽ ڏني وڃي ٿي.
والاريل ڪشمير ۾ صحافين کي عملدارن پاران وڌندڙ تشدد ۽ هراسان ڪرڻ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جي الزامن تي ڇاپا ۽ گرفتاريون پڻ شامل آهن جنهن تي گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ جبري حراست بابت ورڪنگ گروپ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي جبري حراست ۽ انهن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڀارت ۾ مسلمانن ۽ اقليتن تي وڏي پئماني تي تشدد ۽ عدالت کان مٿانهون قتل جاري آهن جتي انساني حقن واري ڪميشن 2021ع جي پهرين 9 مهينن ۾ پوليس جي حراست ۾ 143 موت ۽ 104 مبينا عدالت کان مٿانهون قتل جي رپورٽ ڏني، هن سال سيپٽمبر تائين پوليس آسام ۾ عدالت کان مٿانهون قتل ۾ 27 ماڻهن کي مارڻ ۽ 40 ٻين کي زخمي ڪيو، متاثرين بنگالي ڳالهائڻ وارا مسلمان هئا. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ پوليس کي هڪ شخص کي گولي هڻڻ کانپوءِ ماريندي ڏٺو ويو
ڀارتي عملدارن ضابطه فوجداري جي شق 197 جو استعمال جاري رکيو آهي، سنگين بدسلوڪي جي معاملن ۾ ملوث پوليس اهلڪارنک ي جوابدهي کان روڪيو وڃي ٿو. مارچ ۾ گجرات جي رياستي حڪومت 2004ع ۾ هڪ مسلمان عورت عشرت جهان کي عدالت کان مٿانهون قتل جي جوابدار ٽن پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪيس هلائڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. آرمڊ فورسز (خصوصي اختيار) ايڪٽ جيڪو والاريل ڪشمير ۽ ڪيترين ئي ٻين رياستن ۾ لاڳو آهي، انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ پڻ سيڪيورٽي فورسز کي پراسيڪيوشن کان موثر ڇوٽ فراهم ڪئي آهي. بارڊر سيڪيورٽي فورس بنگلاديش مان ايندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ۽ چوپائي مال جي واپارين جي خلاف ڪثرت سان طاقت جو استعمال ڪيو. جنهن مسلمانن ۽ پورهيت طبقي جي مردن کي بيدردي سان مارڪٽ ڪئي جڏهن ته بي جي پي جي حامين مذهبي اقليتن جي خلاف بي بنياد شڪايتون داخل ڪرايون. ڀارت ۾ رڳو مسلمان ئي هندوتوا جي دهشتگردي جو شڪار نه آهن، کاٻي پاسي جي هندو قوم پرستن جي عيسائين جي خلاف حملا مسلسل ٿي رهيا آهن ۽ جوابدهي جي کوٽ جي ڪري انتهاپسندن جي حوصلا افزائي ٿي رهي آهي. عيسائين تي هندوئن کي مذهب تبديل ڪرڻ جو الزام هنيو وڃي ٿو. انساني حقن جي گروپ جي هڪ رپورٽ موجب هن سال جي پهرين 9 مهينن ۾ عيسائين تي 300 کان وڌيڪ حملا ٿيا جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 32 حملا ڪرناٽڪ ۾ ٿيا.
ايمنسٽي انٽرنيشنل، انڊيا پنهنجي فائنڊنگ ۾ ڀارتي عملدارن کان والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي تحفظ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جا ماڻهو انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ زيادتين جو شڪار آهن.
برطانوي نوآبادياتي دور کان هندو اڪثريت سک اقليت سان ٽڪراءُ ۾ رهي آهي. 1984ع ۾ اپريشن بليو اسٽار تحت گولڊن ٽيمپل تي حملو ڪيو ويو، اندرا گانڌي قتل ٿي، ان جي نتيجي ۾ 1984ع ۾ سک مخالف فساد ٿيا، ڀارت جي سک مخالف پاليسين ۽ مذهبي تعصب سک اقليت کي پنهنجي جدا وطن خالصتان جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
تازو ئي برطانيا ۾ رهندڙ ڀارتي سکن جي هڪ وڏي اڪثريت ريفرنڊم ۾ خالصتان جي حق ۾ ووٽ ڏنو. خالصتان ريفرنڊم سان ڀارت کي سکن جي خلاف امتيازي سلوڪ ختم ڪرڻ ۽ انهن کي انهن جي پيدائشي آزادي جو حق ڏيڻ جو سخت پيغام ڏنو آهي.