اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين مير ڪبير محمد شاهي جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز جي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ٿيو، فنڪشنل ڪميٽي جي اجلاس ۾ آئل گيس جي وسيلن جي گڏيل ملڪيت جي حوالي سان آئين جي شق (3) 172 تي عملدرآمد جي معاملي جو تفصيلي سان جائزو ورتو ويو، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي فنڪشنل ڪميٽي کي ٻڌايو ته آئين جي شق (3) 172 تي وفاقي حڪومت جيئن جو تيئن عملدرآمد ڪري رهي آهي ۽ صوبن کي انهن جو حق فراهم ڪيو پيو وڃي. مسئلو صرف نظام کي سمجهڻ جو آهي ايندڙ اجلاس ۾ ان باري ۾ تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي وڃي ۽ صوبائي حڪومتن کان به ان حوالي سان آگاهي حاصل ڪئي وڃي، هن چيو ته نظام بابت غلط فهميون آهن، ابهام دور ڪري سگهجن ٿا.