اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ آمريڪا پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر امدادي سرگرمين جي لاءِ 56.1 ملين ڊالر جي اڳ ۾ اعلان ڪيل امداد کانسواءِ 10 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير آمريڪي هم منصب کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي بابت ٻڌايو، جنهن ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ قيمتي جانين جي زيان کانسواءِ روزگار جي ذريعن کي به تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي امدادي ڪوششن بابت آمريڪي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ امداد تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته ڪو به ملڪ هن سخت بحران مان پاڻ نه ٿو نڪري سگهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جيتوڻيڪ ماحول دشمن گيسن ۾ ان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي انصاف جو خواهشمند آهي ۽ هو ان ڏس ۾ پنهنجي حصيدارن طرف ڏسي رهيو آهي ته جيئن هو ان موسمياتي آفت مان نڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آبپاشي، مواصلات، توانائي، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ صحت جهڙن شعبن ۾ بهتر سرسبز ۽ موسمياتي لچڪدار انفراسٽرڪچر جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي بحران جو موثر طريقي سان منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير خطي ۾ امن، سلامتي ۽ اقتصادي خوشحالي جي فروغ لاءِ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي تاريخي ۽ وڌندڙ اهميت تي زور ڏنو. هن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه مناسب انداز ۾ ملهائي رهيا آهن ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ اميد ۽ گڏيل طور تي فائديمند روڊ ميپ تيار ڪري رهيا آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ سان قيمتي جانين جي زيان ۽ اقتصادي نقصان تي پاڪستان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن بحالي ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان تعاون جاري رکڻ جي آمريڪي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻن امڪانن جي ڏس ۾ آمريڪي نجي شعبو توانائي جي شعبي سميت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهيندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي مدد جي ضرورت جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکندو. آمريڪي پرڏيهي وزير افغانستان مان انخلا جي دوران پاڪستان پاران حمايت تي به ٿورا مڃيا. پرڏيهي کاتي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اضافي 10 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو، جنهن تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير ان جا ٿورا مڃيا.