APP65-230922 New York: September 23 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addresses the 77th Session of UN General Assembly (UNGA 77). APP

نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ٿيندڙ تباهي جو ڪاٿو لڳائڻ هن وقت مشڪل آهي، اصل پريشاني اها آهي ته جڏهن ڪئميرا هليا وڃن ٿا ته سڀني جو ڌيان رڳو يوڪرين تڪرارن طرف هليو وڃي ٿو، اسان جو سوال آهي ته ڇا ان بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان اڪيلا رهجي وينداسين، جيڪو اسان جو پيدا ڪيل ئي نه آهي، هن قدرتي آفت سبب 11 ملين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويندا ۽ ڪيترائي پناهگاهن ۾ منتقل ٿي ويندا، اسان وٽ وسيلن ۽ ضرورتن جي وچ ۾ فرق وڌي رهيو آهي، اسان کي پنهنجي جان ۽ مال جي وڏي نقصان جي صورت ۾ عالمي بي عملي ۽ آبهوا جي ناانصافي جي ٻٽي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، انتهائي مشڪل حالتن ۾ اميد اونداهي جي بهترين دشمن آهي، پاڪستان جي نئين سر تعمير تائين پنهنجي بهادر ماڻهن سان گڏ خيمن ۽ خندقن ۾ بقاءَ جي جنگ وڙهڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيان، قومي سلامتي جي تعريف هاڻي بدلجي وئي آهي، قدرتي آفتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري کي گڏ ٿيڻو پوندو ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو نه ته جنگين جي لاءِ ڪو ميدان باقي نه رهندو، ڀارت مظلوم ڪشميري عوام جو حق غصب ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي علائقو بڻائي ڇڏيو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي حل تائين ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل رهنداسين، جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، تڪرارن کي پرامن ڳالهين سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي پنهنجي وسيلن جو رخ عوام طرف موڙڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آئون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو ٿورائتو آهيان، جنهن پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ هن ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙن سان خيمن ۾ وقت گذاريو ۽ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو. وزيراعظم چيو ته اسان انهن سڀني ملڪن جا ٿورائتا آهيون، جن متاثرين جي لاءِ امداد موڪلي. هن چيو ته آئون پوري قوم طرفان سڀني جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته ان قدرتي آفت سان اسان جي ملڪ ۾ صحت ۽ معيشت تي اثرن جو ڪاٿو لڳائڻ هن وقت مشڪل آهي، منهنجي اصل پريشاني هن چئلينج جي ايندڙ مرحلي جي باري ۾ آهي، جڏهن ڪئميرا هليا وڃن ٿا ۽ اسان جو ڌيان صرف يوڪرين جهڙن تڪرارن طرف منتقل ٿي وڃي. منهنجو ان ڏس ۾ سوال آهي ته ڇا اسان اهڙن بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڪيلا رهجي وينداسين، جيڪي اسان جا پيدا ڪيل نه آهن. 12 هفتن کان جاري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن کانپوءِ اسان بحالي ۽ نئين سر تعمير ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اٽڪل 11 ملين کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويندا ۽ ڪيترائي پناهگاهن ڏانهن منتقل ٿي ويندا. جنهن سان ماحول سان هڪ جهڙائي رکندڙ سمارٽ نئين سر تعمير جي لاءِ تمام گهٽ وقت جي گنجائش رهي وڃي ٿي. هن چيو ته اسان سمورن دستياب وسيلن کي امدادي ڪوششن جي لاءِ متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. سڀ کان وڌيڪ متاثر 40 لک خاندانن جي عورتن جي سربراهن کي روڪ رقم جي منتقلي ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪيترائي هفتا اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي شروع ڪئي وئي آهي،جنهن جي ماليت 70 ارب رپيا آهي پر هن وقت اسان وٽ فوري ضرورتن ۽ دستياب وسيلن جي وچ ۾ فرق قدرتي آفت سبب وڌيڪ پيو آهي. هن چيو ته هتي جيڪو سوال اٿارڻو آهي، اهو تمام سولو آهي، اسان جا ماڻهو ايتري وڌيڪ گلوبل وارمنگ جي قيمت ڪنهن به غلطي کانسواءِ ڇو ادا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اسان جو گرين هائوسز گيسز جي اخراج ۾ ڪردار نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان کي اڃا ڊگهو مفاصلو طئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان ڏسون ٿا ته انتهائي مشڪل حالتن ۾ اميد اونداهي جي بهترين دشمن آهي ۽ پاڪستان غيرمعمولي طور تي حوصلامند ۽ مضبوط ماڻهو طور سڃاتا وڃن ٿا. پنهنجي پاران اسان هن صديءَ جي وڌندڙ چئلينجن کي منهن ڏيندي پاڪستان جي نئين سر تعمير تائين پنهنجي ماڻهن سان خيمن ۽ خندقن ۾ پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ جڏهن آئون پنهنجي ملڪ پاڪستان جو احوال ٻڌائڻ جي لاءِ هتي بيٺو آهيان پر منهنجي دل ۽ دماغ هن وقت به منهنجي ملڪ ۾ آهن، اسان جنهن صدمي مان گذري رهيا آهيون، ان کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته موسمياتي آفت سان ايندڙ تباهي بابت دنيا کي اصل حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ هتي آيو آهيان جنهن سان منهنجي ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ آهي. وزيراعظم چيو ته 40 ڏينهن ۽ 40 راتين تائين هڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ اسان تي مڙهيل رهي جنهن صدين جو موسمياتي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، اڄ به ملڪ جو وڏو حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، عورتن ۽ ٻارن سميت 33 ملين ماڻهو هاڻي صحت جي خطرن ۾ ورتل آهن جن ۾ ساڍا 6 لک حاملا عورتون شامل آهن. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 400 کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن، ڪيترائي ئي بيمارين ۽ غذائي کوٽ جي خطري ۾ آهن. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري ماڻهن کي جاني نقصان کڻڻو پيو، 370 پليون، تباهه، 10 لک چوپايو مال مري ويو. وزيراعظم چيو ته شروعاتي ڪاٿو ٻڌائي ٿو ته ٻوڏ جي ڪري 13 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ رستن کي نقصان پهتو آهي، چار ملين ايڪڙ فصل لُڙهي ويا، لکين بي گهر ماڻهو اڃا به پنهنجي خاندان، مستقبل ۽ انهن جي روزگار جي ذريعن کي پهچندڙ نقصانن سان گڏ پنهنجا خيما لڳائڻ جي لاءِ خشڪ زمين جي ڳولا ۾ آهن. هن چيو ته ماحولياتي آلودگي جي ڪري پاڪستان متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ اهڙي طرح جي قدرتي آفت کي ناهي ڏٺو، اسان کي اڳ ۾ وڌندڙ گرمي پد ۽ هاڻي ٻوڏ درپيش آهي جڏهن ته دنيا ۾ جيڪو ڪاربن فضا ۾ موڪليو پيو وڃي، پاڪستان ۾ ان جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، اسان کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن جو سبب اسان نه آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گلوبل وارمنگ جي اثرن جو ان کان وڏو ۽ تباهي آڻيندڙ مثال ڪڏهن ناهي ڏٺو جتي زندگي سدائين جي لاءِ بدلجي وئي آهي. هن چيو ته هن آفت دوران مون پنهنجي تباهه حال ملڪ جي هر ڪنڊڪڙڇ جو دورو ڪيو ۽ وقت گذاريو، پاڪستان ۾ ماڻهو پڇن ٿا ته انهن سان ائين ڇو ٿيو؟ ناقابل ترديد ۽ تڪليف ڏيندڙ حقيقت اها آهي ته اها آفت اسان جي ڪري ناهي آئي پر اسان جا گليشيئرز تيزي سان وگهري رهيا آهن، ٻيلا سڙي رهيا آهن ۽ گرمي جي لهر 53 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي هلي وئي آهي جيڪا ان کي زمين جي گرم ترين جڳهه بڻائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تباهي آڻيندڙ چوماسي مان گذري رهيا آهيون، جيئن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان کي انتهائي مناسب طريقي سان بيان ڪيو آهي، هڪ ڳالهه تمام واضح آهي ته جيڪو ڪجهه پاڪستان ۾ رونما ٿيو آهي، اهو پاڪستان تائين محدود نه رهندو. هن چيو ته پنهنجي قوم پاران مشڪل وقت ۾ مدد ڪندڙن جا ٿورا مڃان ٿو، آئون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جي دوري تي ٿورائتو آهيان، سيڪريٽري جنرل پنهنجي اکين سان ٻوڏ متاثرين کي ڏٺو آهي. هن چيو ته ترقياتي فنڊ جو حصو به ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن تي خرچ ڪري رهيا آهيون، ٻوڏ متاثرين ۾ 70 ارب جي رقم ورهائي وئي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس کي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهون قتل جو سلسلو جاري آهي ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته والاريل علائقي ۾ ڀارت 9 لک کان وڌيڪ قابض فوجي مقرر ڪري رکيا آهن جنهن جي ڪري اهو دنيا جو واحد علائقو آهي جتي ايتري وڏي انگ ۾ فوجي مقرر آهن. هن چيو ته ڀارتي فوجين پاران والاريل علائقي ۾ ڪشميرين جي عدالت کان مٿانهين قتل، پيلٽ گنز سميت طاقت جي وحشياڻي استعمال، ظلم ۽ تشدد ۽ انساني حقن جون سنگين پائماليون جاري آهن. هن چيو ته ڀارت مسلمان اڪثريتي والاريل ڪشمير کي هندو اڪثريتي علائقو بڻائڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد جي لاءِ 25 لک غيرڪشميرين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا آهن، ڪشميرين جي ملڪيتن ۽ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشميري مسلمان اڪثريتي سڃاڻپ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ نام نهاد تڪبنديون ڪيون ويون آهن ۽ اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، عالمي قانونن کانسواءِ چوٿين جنيواڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جو مسئلو ڊگهي عرصي کان حل طلب آهي. شهباز شريف چيو ته ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قدمن سان امن عمل متاثر ٿيو آهي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني قدم کنيو. ڀارت کي سمجهڻو پوندو جنگ ڪو آپشن نه آهي. شهباز شريف مظلوم ڪشميرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ انهن جي مڪمل حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان ڀارت سميت پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان امن چاهيون ٿا. اسان پاڙيسري آهيون ۽ سدائين پاڙيسري رهنداسين، اهو فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ته امن سان گڏ رهون يا جنگ وڙهون، اسان ٽي جنگيون وڙهيون جنهن سان خطي ۾ غربت ۽ بيروزگاري وڌي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجا وسيلا هٿيار خريد ڪرڻ بدران ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل، عوام جي تعليم، ترقي ۽ انهن کي روزگار جي فراهمي تي لڳائڻ گهرجن. هي وقت آهي ڀارت پيغام کي سمجهي جنگ ڪو حل نه آهي، رڳو پرامن ڳالهين سان ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ته جيئن دنيا ۾ امن قائم ٿي سگهي. هن ڀارت ۾ انتهاپسند گروپن پاران مسلمانن جي نسل ڪشيءَ تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي. وزيراعظم چيو ته 20 هين صديءَ جي معاملن تان ڌيان هٽائي 21 هين صدي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي نه ته جنگيون وڙهڻ جي لاءِ زمين ئي باقي نه بچندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ريفرنڊم يقيني بڻائڻ تائين ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو. افغانستان بابت شهباز شريف چيو ته پاڪستان هڪ پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ڇو ته دهشتگردي جو ڪو مذهب ناهي هوندو ۽ ان جو بنيادي سبب غربت ۽ بيروزگاري آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي جيڪو پنهنجي سڀني شهرين کي جنس، نسل ۽ مذهب جي تفريق ڪرڻ کانسواءِ عزت ۽ روزگار فراهم ڪري. هن چيو ته پاڪستان تعليم ۽ ڪم دوران افغان ڇوڪرين ۽ عورتن جي احترام جي حق جي حوصلا افزائي جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت افغان عبوري حڪومت جي اڪيلي ٿيڻ سان افغان عوام جي مسئلن ۾ اضافو ٿيندو، جيڪي پهرين بي سهارا آهن، تعميري ڳالهين ۽ معاشي تعاون سان مثبت ردعمل سامهون اچڻ جي اميد آهي. هن چيو ته اسان کي هڪ ٻي گهرو ويڙهه دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ نئين معاهدن کان بچڻ گهرجي، ڇو ته افغانستان جو ڪو به پاڙيسري ملڪ ان پوزيشن ۾ نه آهي ته ان جي لاءِ انتظام ڪري سگهي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي معاشي مدد ۽ انساني امداد جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرلجي 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي اپيل تي مثبت ردعمل ظاهر ڪري. افغانستان جا منجمند مالي اثاثا بحال ڪيا وڃن. جيڪي بئنڪنگ نظام جي بحالي جي لاءِ ضروري آهن. پاڪستان افغانستان ۾ سرگرم وڏن دهشتگرد گروپن خاص طور تي دولت اسلاميه، تحريڪ طالبان پاڪستان، القاعده، اي ٽي آءِ ايم ۽ آءِ ايم يو سان لاڳاپيل خطرن بابت عالمي برادري جي آڏو پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. افغان عبوري حڪومت جي حمايت ۽ تعاون سان انهن خطرن کي جامع طور تي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي افغانستان جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. دهشتگردي جو ڪو به مذهب نه آهي، هي هڪ مفروضي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ غربت، محرومي، ناانصافي، نظرانداز ڪرڻ ۽ مخصوص مفاد سان شدت آئي آهي، جنهن سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران دهشتگرد حملن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيا ۽ ڏيڍ سئو ارب جو معاشي نقصان ٿيو. اسان جي فوج عوام جي حمايت سان ملڪ ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي پر تنهن هوندي به اسان کي سرحد پار دهشتگرد حملن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن کي اسان جو علائقائي مخالف مالي مدد فراهم ڪري ٿو، اسان سرحد پار دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم گڏيل قومون ۽ ان جي ميمبر ملڪن کي اسلامو فوبيا ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو. شهباز شريف چيو ته اسلامو فوبيا هڪ عالمي رجحان آهي، گڏيل قومون ان بابت اختيار ڪيل قرارداد تي عملدرآمد يقيني بڻائي. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا هڪ عالمي رجحان آهي، نائن اليون کانپوءِ مسلمانن جي باري ۾ شڪ شبها ۽ امتيازي رويو وبائي شڪل اختيار ڪري ويو آهي، ڀارت ۾ 20 ڪروڙ کان وڌيڪ مسلمانن جي خلاف سرڪار جي سرپرستي ۾ ظلم اسلامو فوبيا جي بدترين شڪل آهي، کين امتيازي قانونن، پاليسين، پردي تي پابندي، مسجدن تي حملن ۽ هندو انتهاپسندن هٿان تشدد جهڙن روين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، مون کي خاص طور تي ڪجهه انتهاپسند گروپن پاران ڀارت ۾ مسلمانن جي نسل ڪشيءَ جي مطالبي تي وڏي ڳڻتي آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هلندڙ سال جي شروع ۾ او آءِ سي پاران پاڪستان طرفان پيش ڪيل هڪ تاريخي قرارداد کي منظور ڪيو، جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏينهن طور مقرر ڪيو ويو آهي. مون کي اميد آهي ته اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن ۽ ميمبر ملڪن پاران ٺوس قدم کنيا ويندا. وزيراعظم شهباز شريف اسرائيل پاران فلسطينين جي انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي بند ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان 1967ع کان واري سرحدن موجب فلسطين مسئلي جو حل چاهي ٿو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي کي گڏيل قومن جي منشور تحت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ نمائندا جمهوري شفاف، موثر ۽ جوابدار بڻائڻ جي لاءِ 11 نئين غيرمستقل ميمبرن کي شامل ڪري ان ۾ واڌ ڪرڻ گهرجي. نئين مستقل ميمبرن کي شامل ڪرڻ سان ڪائونسل جي فيصلاسازي مفلوج ٿي ويندي. انهن سان نمايان نقصانن ۾ اضافو ٿيندو. ميمبر ملڪن جي خودمختيار برابري جي حصول جي خلاف ورزي ڪندي استحقاق جا نوان مرڪز قائم ٿيندا. وزيراعظم يورپ ۾ امن جي بحالي، ايشيا ۾ جنگ کان پاسي ۽ دنيا ۾ وڌندڙ تڪرارن کي حل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي ان سوچ کي بحال ڪرڻ گهرجي، جنهن تي گڏيل قومون وجود ۾ آيون، هي هڪ اهڙو ويزن آهي جيڪو اڪثر قومي مفادن ۽ ڏاڍ وارن ارادن سان ڌُنڌلو ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته اسان امن جا حصيدار آهيون، اسان انهن سڀني سان گڏجي ڪم ڪنداسين، جيڪي گڏيل قومن جي منشور جي اصولن موجب ان جي ويزن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن، جيڪو گڏيل قومن، عالمي امن، تحفظ، عالمي خوشحالي جي فروغ جي حصول لاءِ جوڙيو آهي.