APP02-140922 SOHBATPUR: September 14 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif talks to media after visiting flood relief camp. APP

صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن جي 22 لک گهريلو ۽ ساڍا 3 لک ڪمرشل صارفين جي بجلي جا آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهيني جا بل معاف ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪري سياست بدران اسان رياست بچائي، 300 يونٽ تائين بجلي جي 2 ڪروڙ 10 لک صارفين کي سيپٽمبر ۾ به فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي ڇوٽ ڏينداسين. صحبت پور بلوچستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي، وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 70 ارب رپيا روڪ رقم جي صورت ۾ ورهايا پيا وڃن، هيستائين 24 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار رپيا في خاندان ورهايا پيا وڃن، ڪجهه علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿيڻ سان ان رقم جي ورڇ ۾ تعطل آهي، اهو به جلد ختم ڪنداسين. هن چيو ته متاثر علائقن جي هوشيار ٻارن جو تعليمي خرچ نه ٿيڻ ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ جون تباهيون ايتريون شديد آهن جو هر اک ڳوڙها ڳاڙيندڙ آهي ۽ پوري قوم گڏجي ان جو مقابلو ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت انتهائي مشڪل صورتحال ۽ ورثي ۾ ملندڙ معاشي مشڪلاتن جي باوجود مشڪل فيصلا ڪري پاڪستان کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو، سياست بعد ۾ ٿيندي رهندي، اسان رياست بچائي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، قومي ۽ صوبائي ادارا، انتظاميا سڀ گڏجي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ان جي تباهي تمام وڌيڪ آهي جڏهن ته انساني حد تائين جيتري قدر ممڪن ٿيو متاثرين جي مدد ڪناسين. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ وڌيڪ مشينري لڳائين، پيئڻ جي پاڻي جي عدم دستابي جو وڏو چئلينج آهي جنهن سان بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن، اين ڊي ايم اي پاڻي جي ٽينڪن جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا آهن جڏهن ته متاثرين کي منرل واٽر جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جنهن جا ٻه ٽرڪ اڄ، جڏهن ته 10 ٽرڪ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پهچي ويندا، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي روڊن سان گڏوگڏ هيليڪاپٽر ذريعي به ممڪن بڻائينداسين، ان جي لاءِ جيڪي به وسيلا گهربل هوندا فراهم ڪنداسين. هن چيو ته متاثر علائقن ۾ روڊن جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، متاثرين کي مشڪل وقت مان ڪڍڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم ان موقعي تي متاثر علائقن جي بجلي جي گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين جا آگسٽ ۽ سيپٽمبر جا بل معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان سان ساڍا 24 لک صارفين کي 10 ارب رپين جو ريليف ملندو. هن چيو ته 3 ڪروڙ 10 لک صارفين کي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي ڇوٽ ڏني وئي هئي جنهن مان 75 سيڪڙو صارفين فائدو کنيو هو، انهن لاءِ سيپٽمبر جي بجلي جي بلن تي به اها سهولت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي جو مرحلو به اچڻو آهي، فصل کي پهچندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ صوبن سان گڏجي حڪمت عملي ٺاهينداسين. هن وڏي وزير ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي شاباس ڏيندي چيو ته سڀئي وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ چونڊيل نمائندا مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت متاثرين سان گڏ هئا، سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري متاثرين جي مدد ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي صحبت پور ضلعي ۾ فنڊ ريليف ڪئمپ جو دوروڪيو، جڏهن ته اتي قائم اسڪول به ويو.