اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻوڏ سان ٿيل تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي لاءِ فوري ۽ وڏي پئماني تي مالي مدد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماحولياتي بحران پاڪستان جو پيدا ڪيل نه آهي، ان جي لاءِ هن بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقا منهنجي ملڪ پرتگال جي ڪل ايراضي کان به ٽيڻ تي وڌيڪ آهن. قومي ۽ علائقائي سطح تي پاڪستان جي فوج ۽ حڪومت جي وسيع پئماني تي ڪيل امدادي ڪوششُون تحسين لائق آهن. پاڪستان جي دوري جي پڄاڻي تي ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن دنيا ۾ ڪيترائي انساني الميا ڏٺا آهن پر ماحولياتي تبديلي سبب ايتري وڏي پئماني تي تبديلي پهريون ڀيرو ڏٺي آهي ۽ ان کي بيان ڪرڻ جي لاءِ هن وٽ لفظ نه آهن. هن چيو ته کيس ٻوڏ متاثرين جي بي پناهه مشڪلاتن تي افسوس آهي، ان سان گڏوگڏ هن امدادي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن کي مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد، انساني همدردي جي بنياد تي وڏي پئماني تي امداد جي فراهمي ۽ هيرو ازم جا شاندار مثال به ڏٺا آهن. هن ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ علائقائي سطح تي پاڪستان جي فوج ۽ حڪومت جي وسيع پئماني تي ڪيل امدادي ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. متاثر علائقن ۾ هن مشڪل وقت ۾ سول سوسائٽي، انساني تنظيمن ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن ۽ ڊونرز پاران انساني همدرديءَ جي بنياد تي پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. جنرل سيڪريٽري چيو ته ضرورتون تمام وڌيڪ آهن، اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان جي لاءِ فوري ۽ وسيع پئماني تي مالي مدد جي ضرورت آهي ۽ اهو رڳو يڪجهتي ۽ وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ پر انصاف جو به سوال آهي. پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ڪيترن ئي مهينن کان جاري چوماسي جي برساتن جي ڪري وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهيون ڏٺيون. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو ماحولياتي بحران پاڪستان جو پيدا ڪيل نه آهي، ان جي لاءِ هن بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي قدمن جي ضرورت آهي. واضح رهي ته گڏيل قومون ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳ ۾ ئي 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل ڪيل آهي.