اسلام آباد/سکر– 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثرين کي وفاقي حڪومت پاران في خاندان 10 لک فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته فوري ضرورتن جي پُورائي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي 25 هزار رپيا في خاندان ڏنا ويندا، صوبائي حڪومت به پنهنجي پاران مدد ڪندي، هي سياست جو نه خدمت جو وقت آهي، ٻوڏ جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. سکر جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مون ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي جائزو ورتو آهي، ٻوڏ جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙي تباهي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي، وزيراعظم ٻوڏ سبب سوين انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته سنڌ حڪومت متاثرين جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي، ميڊيڪل ڪئمپ ۾ علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته هن متاثرين سان ملاقات ڪئي آهي، انهن کي خوراڪ، دوائن ۽ پاڻي سميت بنيادي ضرورتن جي فراهمي لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته متاثرين کي گهرن جو معاوضو ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت 10 لک في خاندان فراهم ڪندي. صوبائي حڪومت به پنهنجي پاران مدد ڪندي. وزيراعظم چيو ته متاثرين جا گهر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، وفاق پاران 25 هزار رپيا في خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ڏنا ويندا ته جيئن فوري ضرورتن جي لاءِ متاثرين کي ڪجهه رقم ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، معاشي مشڪل صورتحال جي باوجود حڪومت انهن جي هر ممڪن مدد ڪندي، هي سياست جو نه پر خدمت جو وقت آهي، آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته اتحادي پارٽيون ڏينهن رات عوام جي خدمت لاءِ مصروف عمل آهن، گڏجي ان مشڪل صورتحال کي منهن ڏينداسين.