اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پيٽرول تي مستحق ماڻهن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏينداسين، مشڪل وقت مان نڪرڻ جي لاءِ غيرمقبول ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، هن وقت هنگامي بنيادن تي ڊگهي مدي واري معاشي طور تي ڪم ڪيو پيو وڃي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا تي 90 لک ماڻهن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏينداسين جڏهن ته ان ۾ وڌيڪ 60 لک ماڻهن جو اضافو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هنن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو ته حڪومت اتحادي پارٽين سان گڏجي عوام جي ڀلائي لاءِ سنجيده فيصلا ڪري رهي آهي، هن وقت هنگامي بنيادن تي ڊگهي مدي واري معاشي طور تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ معاشي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي، ملڪ ۾ معيشت جي بهتري جي حوالي سان مختلف مڪتبه فڪر جي تنظيمن، ٽريڊ يونينز، معاشي ۽ تعليمي ادارن کانسواءِ ٻين تنظيمن کي پڻ آن بورڊ وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته ان کان اڳ جيڪا صورتحال هئي ته مخصوص طبقو سبسڊي وٺي رهيو هو ۽ عوام کي سهولت نه ملي رهي هئي، هاڻي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته عوام جي سهولت لاءِ سبسڊي طرف وينداسين ۽ مجموعي طور تي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. هن چيو ته حڪومت ۽ اتحادي پارٽيون گڏجي فوري طور تي پيٽرول، ڊيزل ۽ ٻيون قيمتون گهٽ ڪري اليڪشن طرف هلي وڃن ها ته عوام جي نظرن ۾ بهتر حڪمت عملي نظر اچي ها پر اسان پاڪستان جي بهتري طرف گامزن ٿيندي ڊگهي مدي وارا فيصلا ڪيا ته جيئن ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال بهتر ٿي سگهي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جيڪي فيصلا ڪيا آهن اهي هنگامي منصوبابندي تحت ڪيا ويا آهن، ان ۾ ڦيرڦار به ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ڪابينا جي اندر تجويزون آيون ان ۾ عوام جي جذبن جو به خيال رکيو ويو ۽ تجويزون اچڻ کانپوءِ ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ گڏيل طور تي فيصلا ڪيا، حڪومت مستقل معاشي پلان ڏيڻ وڃي رهي آهي، ان حوالي سان اجلاس منعقد ٿيندو جنهن ۾ ميمبر مختلف تجويزون پڻ ڏيندا، هن وقت ملڪ ۾ بجلي جو بحران آهي، طلب ۽ پهچ کي پورو ڪرڻو آهي، گرمي جو به احساس آهي پر حڪومت جيڪي قدم کڻي رهي آهي اهي سڀني جي آڏو رکي کڻي رهي آهي جنهن ۾ جلد بهتري نظر ايندي. وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته حڪومت پيٽرول تي ٽارگيٽيڊ سبسڊي طرف وڃي رهي آهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ موٽرسائيڪل واري کي سبسڊي ڏني وڃي ته هڪ لينڊ ڪروزر وارو به اها ئي سبسڊي وٺي. هن چيو ته مشڪل صورتحال ۾ مشڪل ۽ غيرمقبول فيصلن سان بهتر نتيجا سامهون ايندا، توانائي جي کوٽ مان ڇوٽڪاري جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪوئلي جي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن تيل تي دارومدار گهٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته تيل تي شروعاتي طور تي بينظير انڪم سپورٽ جي انگن اکرن موجب 90 لک ماڻهو فائدو کڻندا جڏهن ته ان ۾ وڌيڪ 60 لک جو اضافو ڪنداسين. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ به ان تي عمل ڪنداسين ته جيئن اشرافيه کان به هن مشڪل وقت ۾ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ حصو وٺي سگهجي. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق پڻ موجود هو.