APP60-270522 ISLAMABAD: May 27 - Prime Minister Shehbaz Sharif addressing the nation. APP

اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غريب عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي بار کان بچائڻ جي لاءِ 28 ارب رپيا ماهوار بچت پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي آبادي جي ٽئين حصي ساڍا 8 ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل خاندانن کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا جيڪي انهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ملندڙ مالي مدد کانسواءِ آهن، يوٽيلٽي اسٽورز تي 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 400 رپين ۾ فراهم ڪيو ويندو، دل تي پٿر رکي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ۽ پنهنجي سياسي مفاد کي قومي مفاد تي قربان ڪيو جيڪو معيشت جي موجوده بحران مان ڪڍڻ طرف هڪ قدم آهي، قومي ترقي جو سفر اڳتي وڌائڻ لاءِ هر مشڪل فيصلو ۽ هر ممڪن ڪم ڪنداسين، ميثاق معيشت تي اتفاق جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت جي شروعات ڪئي پئي وڃي، آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدو، ملڪ کي معاشي ڌٻڻ ۽ لوڊشيڊنگ جي اونداهين ۾ ڌڪڻ، تاريخ جي بدترين قرض جي بار جي هيٺ دفن ڪرڻ ۽ معيشت جو ساهه بند ڪرڻ جا ذميوار اسان نه آهيون اڳوڻي حڪومت آهي، پاڪستان ڪنهن فرد واحد جي ضد سان نه پر آئين موجب هلندو، عوام جي جان ۽ مال جو هر قيمت تي تحفظ ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قوم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪجهه هفتا اڳ توهان مون کي جنهن ذميواري جي لاءِ چونڊيو، اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي. ان تي آئون الله رب العزت جو شڪر ادا ڪريان ٿو، خاص طور تي ان مرحلي تي وزيراعظم پاڪستان جو عهدو سنڀالڻ سخت امتحان کان گهٽ نه آهي جڏهن ملڪ کي گذريل پوڻا چار سال جي حڪومت جي تباهي آڻيندڙ سنگين حالتن کان بچائڻ لازمي آهي، اها ذميواري مون کي منهنجي پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين پاران ڏني وئي آهي. هن چيو ته آئون پنهنجي قائد نواز شريف، ٻين سمورن قائدين ۽ پارٽين جو سچي دل سان ٿورائتو آهيان ته انهن مون تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، اتحادي پارٽين ۽ انهن جي قائدين جي حمايت اسان جي حڪومت جي لاءِ تقويت جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام مطالبو ڪيو ته هن نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت کان انهن جي فوري طور تي جان ڇڏرائي وڃي، مخالف ڌر جي سمورين پارٽين گڏجي عوام جي مطالبي تي لبيڪ چيو ۽ پاڪستان جي آئين جي سمورين گهرجن کي پورو ڪندي ان تبديلي کي يقيني بڻايو، پهريون ڀيرو دروازا کوليا ويا، اورانگهيا نه ويا، اها عوام، پارليامينٽ ۽ آئين جي فتح آهي. شهباز شريف چيو ته اسان حڪومت سنڀالي ته هر شعبو تباهي جا داستان ٻڌائي رهيو هو، ٽن ڏهاڪن جي عوامي خدمت جي سفر دوران اهڙي تباهي مون اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي جيڪا اڳوڻي حڪومت پنهنجي پوڻا چار سالن جي بدترين حڪمراني کانپوءِ ڇڏي وئي، اهو ئي سبب آهي جو اسان پاڪستان کي بچائڻ جو چئلينج قبول ڪيو جڏهن ته اها حقيقت اسان جي سامهون واضح هئي ته ان تباهي مان نڪرڻ ۽ ملڪ کي بهتري جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ۽ وقت گهربل هوندو. هن چيو ته هتي گذريل دور ۾ ٿيندڙ تباهي ۽ ڀيانڪ ڪرپشن جا ڪيترائي داستان موجود آهن. جڏهن ته فسادي ذهن معاشرتي اخلاقيات کي به تباهه ڪري ڇڏيو، اسان جي سياست جي اندر نفرت جو زهر ڀري ڇڏيو آهي، ملڪ جي فضائن ۾ انتقام، ڪاوڙ ۽ بدتهذيبي جي آلودگي پکيڙي ڇڏي آهي، ماضي جي ان دور ۾ نفرت جو هڪ پورو فصل پيدا ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصد جي لاءِ سفارتي خط جي نام نهاد سازش تائين جوڙي وئي، هڪ خطرناڪ ڪوڙ ڳالهايو ويو، جيتوڻيڪ قومي سلامتي ڪميٽي هڪ نه پر ٻه ڀيرا پوري وضاحت سان چيو ته اهڙي ڪا به سازش ناهي ٿي، آمريڪا ۾ اسان جي سفير به سازشي ڪهاڻي کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو، ان جي باوجود هڪ شخص مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي شخص پنهنجي منفي سياسي ايجنڊا خاطري قومي مفادن ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن کي نقصان پهچائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص اهو سمجهي ٿو ته ان جي هٺ ۽ ضد پاڪستان جي آئين ۽ آئيني ادارن جي متفقه راءِ کان وڌيڪ اهم آهي ته اها ان جي ڀُل آهي، ڇو ته پاڪستان آئين موجب هلندو، ڪنهن فرد جي ضد سان نه هلندو. شهباز شريف چيو ته توهان کي ياد هوندو ته جڏهن اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ پاڪستان نمايان ترقي ڪري رهيو هو ته هڪ شخص ڌوئنس، ڌمڪي ۽ ڌرڻي جو ڊرامو رچايو هو ۽ اهو به ان وقت جڏهن پاڪستان جي عظيم دوست چين جو صدر شي جن پنگ سي پيڪ جو تاريخي معاهدو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو هو پر ان شخص جي هٺ ڌرمي سان اهو اهم ترين دورو دير جو شڪار ٿي ويو. هن واضح لفظن ۾ چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ حڪومت جو فرض آهي ۽ ان تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت جن حقيقتن تي ڄاڻي واڻي پردو وجهي رهي آهي اهي حقيقتون آئون انهن کي ياد ڪرائڻ چاهيان ٿو. آءِ ايم ايف سان معاهدو انهن ڪيو هو، سخت شرطون انهن مڃيون هيون، عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ انهن پيسيو، ملڪ کي ان معاشي ڌٻڻ ۾ انهن وڌو هو، اهو سڀ اسان ناهي ڪيو، ملڪ کي تاريخ جي بدترين قرض جي هيٺان انهن دفن ڪيو، عالمي ادارن گواهي ڏني آهي ته ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪرپشن انهن جي دور ۾ ٿي آهي، ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جا انڌيرا توهان واپس آندا ۽ اڄ معيشت جو ساهه بند آهي ته ان جا ذميوار به اهي ئي آهن. هن چيو ته منهنجون خدمتون توهان جي سامهون آهن. توهان گواهه آهيو ته ماضي ۾ به اسان مشڪل حالتن مان ڪاميابي حاصل ڪئي، اسان جي سامهون صرف هڪ مقصد آهي ته ملڪ کي خوشحال، ترقي يافته ۽ قائد جو پاڪستان بڻايون. هن چيو ته اسان هر مشڪل فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ هر ممڪن اهو ڪم ڪنداسين جنهن سان قومي ترقي جو سفر اڳتي وڌي سگهي. نااهلي ۽ ڪرپشن جي سياست جو خاتمو ٿئي. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته مهانگائي عروج تي هئي، ڪاروبار، روزگار ۽ معاشي سرگرميون ختم ٿي ويون هيون، ڊالر 2018ع ۾ اسان 115 رپين تي ڇڏي ويا هئاسين، هنن جي حڪومت چئن سالن دوران ان کي 189 تائين پهچايو، جنهن سان هڪ طرف مهانگائي جي باهه وڌيڪ تيز ٿي وئي ته ٻئي طرف پاڪستان تي قرض ۽ ادائيگين جو بار ناقابل برداشت ٿي ويو. هن چيو ته گذريل پوڻا چئن سالن ۾ پاڪستان جي قرض ۾ 20 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو، جيڪو 1947ع کان 2018ع تائين 71 سالن ۾ هيستائين جي سڀني حڪومتن پاران ورتل مجموعي قرض جو 80 سيڪڙو آهي. هلندڙ مالي سال وفاقي بجيٽ جي خساري جو ڪاٿو 5 هزار 600 ارب رپيا آهي جيڪو تاريخ جو بلند ترين خسارو آهي. نااهل اڳوڻي حڪومت صرف هن سال ايترو خسارو ڪيو آهي جنهن جو ماضي ۾ ڪو به مثال نه ٿو ملي. ان جي ڀيٽ ۾ توهان شاهد آهيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ورتل قرضن مان عوام کي 10 هزار 400 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪئي، رستن جو ڄار وڇايو، بهترين بلڪ ٽرانسپورٽ ڏني، کربين رپين جي ترقي ۽ خوشحالي جا منصوبا ڏنا ۽ مهانگائي تي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي وٺي آيو. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ملڪ ۾ 7 هزار 500 ميگاواٽ جا پاور پلانٽ بند پيا هئا ڇو ته اڳوڻي حڪومت مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪندي نه ٻارڻ جو بندوبست ڪيو ۽ نه ئي وري ڪارخانن جي وقت سر مرمت ڪرائي جنهن جي ڪري عوام مهانگي بجلي ۽ ڪيترائي ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ مبتلا رهي، شهباز شريف چيو ته اسان دل تي پٿر رکي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گذريل ڏينهن اضافو ڪيو آهي، اهو فيصلو اسان کي ڇو ۽ ڪهڙين مشڪل ترين حالتن ۾ ڪرڻو پيو، اها سچائي توهان جي ڄاڻ ۾ آڻڻ لازمي آهي، دنيا ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، تيل پيدا ڪندڙ ملڪن کان وٺي ترقي يافته ملڪن سميت سڀ ان شديد معاشي صورتحال ۾ ورتل آهن پر اڳوڻي حڪومت پنهنجي سياسي فائدي جي لاءِ سبسڊي جو اعلان ڪيو، جنهن جي خزاني ۾ ڪا به گنجائش نه هئي، اسان پنهنجي سياسي مفاد کي قومي مفاد تي قربان ڪرڻ پنهنجو قومي فرض سمجهيو، ڇو ته اهو فيصلو پاڪستان کي معاشي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي لاءِ اڻٽر هو، ان معاشي بحران ۾ پاڪستان ۽ ان جي عوام کي اڳوڻي حڪومت ڦاسايو آهي، اڄ جو اهو مشڪل فيصلو معيشت کي موجوده بحران مان ڪڍڻ طرف هڪ قدم آهي. هن چيو ته اسان غريب عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي بار کان بچائڻ لا 28 ارب رپيا ماهوار سان نئين ريليف پئڪيج جو آغاز ڪري رهيا آهيون جنهن تحت فوري طور تي پاڪستان جي هڪ ڪروڙ 40 لک غريب ترين خاندانن کي 2 هزار رپيا ڏنا ويندا، اهي خاندان ساڍا 8 ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل آهن ۽ اهي پاڪستان جي ڪل آبادي جو ٽيون حصو بڻجڻ ٿا، اها مالي مدد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ملندڙ مدد کان جدا آهي. ايندڙ مالي سال جي لاءِ ان ريليف پئڪيج کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي پاڪستان ۾ 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 400 رپين ۾ وڪرو ڪيو وڃي. شهباز شريف چيو ته داخلي محاذ وانگر پرڏيهي محاذ تي به گذريل پوڻا چار سال پاڪستان جي قومي مفادن جي لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيا. هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ساٿ نڀائيندڙ پاڪستان جي انتهائي قابل اعتماد دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو. اسان انهن غلطين ۾ سڌارا آڻيندي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي بحالي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو توهان جي سامهون آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي ان اصولي موقف کي پوري طرح سان ورجايون ٿا ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڀارت جي ذميواري آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي ختم ڪري ته جيئن بامقصد ڳالهه ٻولهه سان والاريل ڪشمير سميت سڀني تڪراري مسئلن کي حل ڪرڻ طرف ٺوس اڳڀرائي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي سامهون دهشتگردي ۽ بدامني جي صورت ۾ هڪ ٻيو چئلينج آهي، اهو فتنو ٻيهر ڪنڌ کڻي رهيو آهي، اسان صوبن سان گڏجي نيشنل ايڪشن پلان جي نئين سر بحالي شروع ڪئي آهي، هي قومي مفاد سان جڙيل منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جيل اءِ به تمام گهڻو ضروري آهي. هن چيو ته گذريل پوڻا چار سالن ۾ ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي آزادي کسي وئي، صحافين، ناقدين ۽ سياسي مخالفن کي سخت ترين سزائن مان گذاريو ويو، پاڪستان صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي عالمي انڊيڪس ۾ ڪيترائي درجا هيٺ هليو ويو. پاڪستان ۾ صحافت جي لاءِ بدترين ملڪ قرار ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم کي آزاديون کسيندڙ آمرن ۾ شمار ڪيو ويو، حڪومت سنڀاليندي ئي اسان سڀ کان پهرين اڳوڻي حڪومت جي ان تجويز ڪيل منصوبي پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي کي ختم ڪيو جنهن جو مقصد ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي کسڻ هو. هن چيو ته ڪا به قوم اندروني جهيڙن تي ضابطو آڻڻ کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي. قوم جي ورڇ ان رستي جي سڀ کان وڏي رڪاوٽ ۽ اتحاد ۽ اتفاق ان کي حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي. حڪومت ان منزل کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سياسي ۽ گروهي ورڇ کان مٿانهون ٿي عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شهباز شريف چيو ته پوڻا چار سال اڳ هن مخالف ڌر اڳواڻ طور ميثاق معيشت جي تجويز ڏني هئي، جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو هو، هي وقت جو آواز ۽ قومي ضرورت آهي، ان پڌرنامي تي اتفاق جي لاءِ سڀني سياسي پارٽين سان مشاورت جي شروعات ڪري رهيو آهيان ته جيئن اڳتي ڪو به حڪمران يا حڪومت سياسي مفادن جي لاءِ قومي معيشت سان مذاق نه ڪري ۽ معاشي تسلسل کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي ڪيتريون ئي مشڪلاتون آهن ۽ رستا ڪنڊن سان ڀريل آهن پر اسان جو الله تعاليٰ جي ذات تي يقين آهي ته نيڪ نيتي سان ڪم ڪندڙن جي محنت رائيگان ناهي ويندي، اسان الله تعاليٰ جي نعمتن جا طلبگار آهيون، اسان عوام سان واعدو ڪريون ٿا ته گڏجي امانت ۽ ديانت سان ڏينهن رات محنت ڪنداسين ۽ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، آئون ۽ منهنجي ڪابينا پنهنجي هر فيصلي جي لاءِ عوام جي عدالت ۾ جوابده آهيون، الله تعاليٰ اسان جي انهن پرخلوص ڪاوشن کي ڪامياب ڪري. هن چيو ته منهنجو پوري قوم خاص طور تي سياسي مخالفن جي لاءِ پيغام آهي ته اچو ته گڏجي پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻايون، جنهن ۾ اختلاف راءِ کي دشمني نه سمجهيو وڃي، تنقيد کي حوصلي سان برداشت ڪيو وڃي، جنهن ۾ قومي خدمت ئي سياست جو اصل معيار هجي، درسگاهن جا دروازا کلي وڃن، نفرتگاهن جا دروازا بند ٿي وڃن، جتي عورتن جا حق مٿانهون ۽ اقليتن جا حق محفوظ هجن، جتي مزدور ۽ آبادگار خوشحال هجي، جنهن ۾ مهانگائي، بيروزگاري جو خاتمو، رزق جي وافر مقدار ۾ موجودگي ۽ آساني هجي، جنهن جو انصاف فخر جوڳو هجي، جتي ظلم جو خاتمو ٿي وڃي.