APP22-031221 ISLAMABAD: December 03 - Federal Minister for Industries and Production, Makhdoom Khusro Bakhtiar called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير خسرو بختيار ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ ڀاڻ جي پيداوار جي صلاحيت تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم کي وزارت پاران وڏي پئماني تي صنعت ۽ برآمدي صنعت جي سهولت لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ڏکڻ پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ آبادگارن جي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن جي مثبت اثرن کان به آگاهه ڪيو ويو.