APP35-021221 ISLAMABAD: December 02 – Begum Samina Arif Alvi addressing an awareness seminar on breast cancer at Shifa International Hospital. APP

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب عورتن جي موت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڀرپور آگاهي مهم ۽ موثر قدمن جي ضرورت آهي، پاڻمرادو سڃاڻپ سان هزارين زندگيون بچائي سگهجي ٿيون، ان موذي مرض جي روڪٿام لاءِ احتياطي تدبيرن سان گڏوگڏ جلد ۽ وقت سر تشخص جي ضروي آهي، محدود وسيلن جي باوجود ڪينسر جهڙي خوفناڪ مرض سان وڙهڻ جي صلاحيت رکون ٿا، اسپتال، ميڊيا ۽ تعليمي ادارا آگاهي مهم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ طبي ماهرن ۽ عورتن جي وڏي تعداد به شرڪت ڪئي، بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي دير سان سڃاڻپ جي ڪري وڏي پئماني تي جانيون ضايع ٿينديون آهن جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي، عورتن کي ان موذي مرض کان بچائڻ لاءِ آگاهي مهم هلائي پئي وڃي، ڀرپور قومي آگاهي مهم جي نتيجي ۾ ڇاتي جي ڪينسر کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب موت جي شرح وڌيڪ آهي، جيتري جلدي سڃاڻپ ٿيندي ايتري وڌيڪ زندگي بچڻ جو امڪان وڌي ويندو، هن چيو ته آئون شفاءُ انٽرنيسنل اسپتال جي انتظاميه جي ٿورائتي آهيان ته هو ڇاتي جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ نه رڳو اسان جو ساٿ ڏئي رهي آهي پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان ان ڪاز لاءِ پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي ازالي توهان جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن سال آڪٽوبر ۾ ايوان صدر ۾ آگاهي سيشن جو انعقاد به هڪ اهم قدم هو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن شرڪت ڪئي ۽ مستفيد ٿيون. بيگم ثيمنه عارف علوي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن وانگر هن سال به پاڪستان جي هر صوبي جو دورو ڪيو ۽ ان لائين سيشنز ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو متحرڪ ٿي ويا ۽ ان جو مثبت نتيجو برآمد ٿي رهيو آهي، مختلف اسپتالن جي سربراهن کان ان مسئلي تي ڳالهه ڪئي ته ان ڳالهه جو به اطمينان ٿيو ته اسان پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود ڪينسر جهڙي خوفناڪ مرض سان وڙهڻ جي صلاحيت رکون ٿا. خاتون اول چيو ته ان مرض جي جيڪڏهن جلد ۽ وقت سر نشاندهي ٿي وڃي ته علاج نه رڳو آسان ٿي ويندو آهي پر ڪيتريون ئي قيمتون جانيون موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچي سگهن ٿيون. هن چيو ته ان مرض تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته عورتن کي پهرين گهر ۾ پنهنجو معائنو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪا به غير معمولي تبديلي محسوس ٿيڻ جي صورت ۾ جلدي ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ضروري هجي ته ميموگرافي ۽ اسڪريننگ به ڪرائڻ گهرجي، هڪ صحتمند عورت نه رڳو هڪ صحتمند ۽ مڪمل خاندان جو بنياد آهي پر هڪ صحتمند ۽ پُرعزم پاڪستان جي واڌ ويجهه ۽ بقاءُ لاءِ به ضروري آهي.