APP77-170921 DUSHANBE: September 17 - Prime Minister Imran Khan and President of Tajikistan Emomali Rahmon reviewing Guard of Honor at Qasr-e-Milat (Tajik Presidency). APP

دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ دوشنبي جي قطر ملت ۾ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ٿي. تاجڪ صدر امام علي رحمانوف آمد تي وزيراعظم عمران خان جو والهاڻو استقبال ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جا ترانا وڄايا ويا. تاجڪ صدر پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان وزيراعظم عمران خان جو تعارف ڪرايو جڏهن ته وزيراعظم عمران خان تاجڪ صدر کي پنهنجي وفد جي ميمبرن سان ملايو.