APP72-080921 ISLAMABAD: September 08 - 25th meeting of the National Command Authority (NCA) held under the chairmanship of Prime Minister Imran Khan at Headquarters Strategic Plans Division. APP

اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) جو 25 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي معاملن، دفاع، ناڻي ۽ گهرو معاملن وارن وزيرن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، آرمي، نيوي، ايئرفورس جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ سميت اين سي اي جي سمورن ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اين سي اي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اثاثن جي ٺوس سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان گڏوگڏ حفاظتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اين سي اي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي رياست طور تي ائٽمي سلامتي ۽ ائٽمي عدم ڦهلاءُ جي قدمن کي بهتر بڻائڻ جي عالمي ڪوششن ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندو رهندو. اين سي اي کي خطي ۾ تڪرارن جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين سي اي روايتي ۽ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ وڏي پئماني تي هٿيارن جي عدم توازن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اين سي اي ان اڳڀرائي کي امن ۽ سلامتي جي لاءِ نقصانڪار سمجهي ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ داخل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندو. اين سي اي گهٽ کان گهٽ ڊيٽرنس جي پاليسي موجب فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس کي برقرار رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسٽريٽجڪ صلاحيتن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اين سي اي تربيت جي اعليٰ معيار ۽ اسٽريٽجڪ فورسز جي آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ساراهيو جن جي مسلسل ڪوششن پاڪستان کي گهربل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻايو آهي.