اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي چيو آهي ته اها جعلي ڪالز جي ذريعي ماڻهن کي ڦريندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي جي لاءِ پاليسي جوڙي. صدر آمريڪا ۾ جعلي ڪالز ذريعي ماڻهن کي مالي نقصان پهچائڻ جي وڌندڙ واقعن بابت نيويارڪ ٽائيمز جي آرٽيڪل کي ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ محتسب سيڪريٽريٽ کي جعلي ڪالز ذريعي ماڻهن کي پنهنجي جمع پونجي کان محروم ڪرڻ جي حوالي سان هزارين شڪايتون مليون آهن. آرٽيڪل ۾ ايف بي آءِ جي رپوٽ جو حوالو ڏنو ويو آهي جنهن موجب 2019ع ۾ آمريڪي شهرين کان اهڙي طرح ڦريل رقم جو ڪاٿو 3 ارب 50 ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي جيڪو 2017ع ۾ هڪ ارب 40 ڪروڙ هو.