APP20-13 ISLAMABAD: May 13 – National Security Advisor Lt. Gen (Retd) Naseer Khan Janjua addressing during two-day International Conference of News Agencies (ICNA) as the delegates from various countries arriving to attend the event organized by the Associated Press of Pakistan (APP) under the theme, “Pakistan’s Media – Opportunities and Challenges” with special focus on ‘News Agencies – Emerging Professional Challenges.' APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، پاڪستان تي ڊبل گيم جو الزام لڳائڻ بدران عالمي برادري کي انهن قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، پاڪستان، افغانستان جي سالميت، علائقائي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هو اي پي پي جي اهتمام هيٺ خابرو ادارن جي وچ ۾ سهڪار جي فروغ لاءِ ”پاڪستان جي ميڊيا: موقعا ۽ چئلينجز“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري ”انٽرنيشنل ڪانفرنس آف نيوز ايجنسيز“ (آءِ سي اين اي) ۾ شرڪت ڪندڙن سان عالمي ۽ علائقائي امن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان خطاب ڪري رهيو هو.