اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف اڄ جمعي ڏينهن سکر ملتان موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب اهو منصوبو پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو حصو آهي جنهن کي وزيراعظم جي هدايت تي ڪراچي کي پشاور سان گڏ موٽرويز جي نيٽ ورڪ ذريعي ڳنڍڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي.