اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي 15 کان 16 فيبروري 2023ع تائين پاڪستان جو دورو ڪيو. دوري دوران ڊائريڪٽر جنرل وزيراعظم، پرڏيهي وزير، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن دوران ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي وچ ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ خاص طور تي موسمياتي تبديل جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جي ڪردار تي ڌيان ڏنو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڊائريڪٽر جنرل گروسي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين ۽ پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين سان پڻ ملاقاتون ڪيون، جن کيس نيوڪليئر سيڪيورٽي ۽ ريگيوليٽري نظام بابت بريفنگ ڏني. هن پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي ۾ نيشنل ريڊي ايسن ايمرجنسي ڪوآرڊينيشن سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو. پاڪستان وٽ سول نيوڪليئر پاور پلانٽس جي محفوظ آپريشنز جو 5 ڏهاڪن جو تجربو آهي جيڪو آءِ اي اي اي جي لاڳو ڪيل معيارن ۽ رهنما اصولن موجب آهي. آءِ اي اي اي جي ڊئاريڪٽر جنرل چشما نيوڪليئر پاور جنريٽنگ اسٽيشن، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، نيوڪليئر انسٽيٽيوٽ فار ايگريڪلچر اينڊ بائيولوجي، پاڪستان سينٽر آف ايڪسي لينس آن نيوڪليئر سيڪيورٽي، نيوڪليئر ميڊيسن، آنڪولوجي اينڊ ريڊيوٿراپي انسٽيٽيوٽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سيفٽي اينڊ سيڪيورٽي جو پڻ دورو ڪيو ۽ صحت، صنعت، زراعت، خوراڪ جي حفاظت، بجلي جي پيداوار جي شعبي ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي محفوظ استعمال جو مشاهدو ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل گروسي نوري ۽ سي اين پي جي ايس ۾ ترتيبوار سائبر نائف ۽ فيول ڊرائي اسٽوريج جي سهولتن جو افتتاح ڪيو. هن اهو به اعلان ڪيو ته پاڪستان اميد جي ڪرن قدم تحت ڪينسر جي علاج جي لاءِ آءِ اي اي اي جي علائقائي مرڪزي طور خدمتون سرانجام ڏيندو. نيوڪليئر انسٽيٽيوٽ فار ايگريڪلچر اينڊ بائيولوجي جي دوري دوران ZODIAC ليب جو افتتاح ڪيو ۽ انسٽيٽيوٽ کي زراعت ۽ بائيو ٽيڪنالوجي ۾ آءِ اي اي اي جي تعاون جي مرڪز طور نامزد ڪيو. پاڪستان سينٽر آف ايڪسي لينس آن نيوڪليئر سيڪيورٽي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سيفٽي اينڊ سيڪيورٽي جو دورو ڪندي ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي جوهري تحفظ ۽ سلامتي بابت انهن مرڪزن جي اعليٰ معيارن کي ساراهيو. اهي مرڪز آءِ اي اي اي جي اهتمام هيٺ عالمي تربيت ڏئي رهيا آهن. ڊائريڪٽر جنرل گروسي اسلام آباد ۾ ”ڪلائميٽ چينج مٽيگيشن اينڊ رول آف نيوڪليئر انرجي“ جي موضوع تي هڪ سيمينار ۾ اهم خطاب پڻ ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ هن ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن جو مقابلو ڪرڻ ۾ توانائي کي صاف ذريعي طور جوهري توانائي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان دوري جي پڄاڻي پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري پاران ڊائريڪٽر جنرل گروسي جي مان ۾ آجياڻي سان ٿي. ترجمان موجب پاڪستان 1957ع کان آءِ اي اي اي جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي عالمي ايجنسي سان بامعنيٰ ۽ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا رکي ٿو. آءِ اي اي اي جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر طور پاڪستان ايجنسي جي فيصلاسازي جي عمل ۾ پڻ پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي. اهڙي طرح جو دورو پاڪستان آءِ اي اي اي جي گڏيل تعلق جي هڪ باقاعده خصوصيت آهي. آءِ اي اي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل يوڪيا امانو پنهنجي دور ۾ ٻه ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي جو دورو ڪوويڊ 19 جي وبا جي ڪري التوا هيٺ هو.