APP47-170123 ISLAMABAD: January 17 - Ms Shazia Marri, Federal Minister/Chairperson Benazir Income Support Program (BISP) addressing a joint Press Conference with Faisal Karim Kundi, Minister of State. APP/MAF/TZD/FHA

اسلام آباد- 17 جنوري (اي پي پي) غربت جي خاتمي، سماجي تحفظ واري وفاقي وزي شازيه عطا مري ۽ وزيراعظم جو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت خاص مددگار فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ پ پ ڪراچيءَ جي وڏي جماعت طور اُڀري سامهون آئي آهي. سنڌ جون مڪاني چونڊون شفاف طريقي سان ٿيون، جيڪڏهن ڪٿي ڌانڌليءَ جا ثبوت آهن ته فراهم ڪيا وڃن بي بنياد الزام لڳائڻ پي ٽي آءِ جي عادت آهي. اليڪشن ڪميشن جا نتيجا دل کولي تسليم ڪريون ٿا. اتفاق راءِ سان ڪراچيءَ جو ميئر اچي ته سٺي ڳالهه آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شازيه مري چيو ته سنڌ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو پڄاڻيءَ تي پهتو آهي. هن وقت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سمورا ماڻهو تڪليف ۾ آهن. اليڪشن ڪميشن آزاد ادارو آهي، ان جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا. ٻوڏ جون تباهه ڪاريون اڃا به ڏسي سگهجن ٿيون، اسان جي ڪوشش هئي ته پهرئين ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي مڪمل طور بحال ڪيو وڃي، ان کانپوءِ لوڪل گورنمينت چونڊن طرف وڃي، چونڊون هڪ جمهوري عمل آهي، جيڪو مڪمل ٿي چڪو آهي. هڪ جماعت جي دعويٰ دعويٰ ئي رهجي وئي، مقبوليت سروي سان حاصل نه ٿيندي آهي، عوام پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي اهو فيصلو منظور ناهي ته هو ماتم ڪري سگهي ٿي، جڏهن عوام کين ووٽ نٿو ڏئي ته هو ڌانڌليءَ جو پٽڻو شروع ڪري ڇڏيندا آهن، هي يو ٽرين جا ماسٽر آهن، ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، اخلاقيات کان ڪِريل حرڪتون پي ٽي آءِ کي بند ڪرڻ گهرجن، عمران نيازي ڪڏهن به سنڌ کي قبول نه ڪيو، ڪراچيءَ لاءِ عمران نيازيءَ طرفان اعلان ڪيل 11 ارب رپين جو پيڪيج ڪوڙو نڪتو، ووٽ پيار، محبت، عاجزي ۽ انڪساريءَ سان ملي ٿو. هن چيو ته پ پ کي ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڏي جماعت هئڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. مرتضيٰ وهاب ڪراچيءَ جي ايڊمنسٽريٽر طور سٺي نيت سان سخت محنت ذريعي عوام کي سهولتون ميسر ڪيون. شازيه مري چيو ته ايم ڪيو ايم جي ساٿين کي پڻ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ گهرجي ها. هن چيو ته مختلف جماعتن جي حڪومت ۾ پ پ ملڪ جي مفاد ۾ حڪومت ۾ شامل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي، اسان کي پاڪستانين جي تڪليفن جو احساس آهي. هن چيو ته پ پ اليڪشن ڪميشن جا نتيجا تسليم ڪري ٿي.اتفاق راءِ سان ڪراچي جو ميئر اچي ته سٺي ڳالهه آهي. هن چيو ته ٽرانس جينڊر پڻ پاڪستان جو حصو آهن، اسان کي انهن جي تڪليفن جو احساس آهي، 24 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير ۾ اچن ٿا، هن وقت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 19 سيڪڙو ماڻهن کي ڪور ڪري رهيو آهي. معيشت اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، جيڪڏهن ڪو بحث ڪرڻو آهي ته اهو معيشت تي ٿيڻ گهرجي. سياسي جمهوري نظام تحت ئي ملڪ ترقي ڪن ٿا. هر اداري کي ثابت ڪرڻو آهي ته آئين جو احترام ڪريون ٿا. مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن دوران ڪاميابيءَ تي پ پ جي ڪارڪنن ۽ اميدوارن کي شاندار ڪاميابيءَ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ڪي پي ڪي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ ڪنهن به صورت ۾ نه آڻينداسين. اڄ نالائقن ڪي پي ڪي کي ڏيوالو ڪري ڇڏيو آهي، امن ۽ امان ۽ صوبي کي تباهي طرف وٺي ويا، عمران نيازي ڏکڻ پنجاب صوبي ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ جي وعدي کان انڪار ڪيو، هاڻ سليڪشن نه اليڪشن ٿيندي، هي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان هاريندا، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪٿي به ڌانڌلي ٿي آهي ته ان جو ثبوت پيش ڪيا وڃن. ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ اهڙائي نتيجا ايندا جنهن ۾ پ پ اڪثريت حاصل ڪندي ۽ـ پوءِ هي ڌانڌليءَ جو ڪوڙو الزام لڳائڻ شروع ڪندا. هن چيو ته عمران خان زمان پارڪ ۾ لِڪي ويٺو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 28 لک ماڻهن ۾ 70 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هڪ سروي شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ٽرانس جينڊرز جي نادرا ۾ رجسٽريشن ٿي رهي آهي، انهن کي پڻ بي آءِ ايس پي طرفان امداد فراهم ڪئي ويندي. بي آءِ ايس پي ۾ جيڪڏهن ڪٿي به بي ضابطگي نظر اچي ته اسان کي رپورٽ ڪيو وڃي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 3 مهينن لاءِ غريب ۽ مسحق ماڻهن ۾ 55 ارب رپين جي قسط جاري ڪري چڪي آهي.