اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل، ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت ۾ گهٽائي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائي وڌائڻ لاءِ لاڳاپيل وزارتن، کاتن ۽ نجي شعبي سان مسلسل رابطي ۾ آهي. ان سلسلي ۾ روانگي واپار ڪندڙ جي چٽاڀيٽي واري صلاحيت بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن تي ڪم جاري آهي. اهڙو …
حڪومت روانگي واپار ڪندڙن کي درپيش مسئلن جي حل، ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت ۾ گهٽتائي۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائي لاءِ لاڳاپيل وزارتن،کاتن ۽ نجي شعبي سان رابطي ۾ آهي: ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل، ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت ۾ گهٽائي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائي وڌائڻ لاءِ لاڳاپيل وزارتن، کاتن ۽ نجي شعبي سان مسلسل رابطي ۾ آهي. ان سلسلي ۾ روانگي واپار ڪندڙ جي چٽاڀيٽي واري صلاحيت بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن تي ڪم جاري آهي. اهڙو اظهار هن واپار واري وزارت ۾ روانگي واپار ڪندڙن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سان ٻئي اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان جي روانگي واپار کي متاثر ڪندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل سرڪاري کاتن پاران ڪيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي گذريل اجلاس ۾ روانگي واپار ڪندڙن پاران اٿاريل مسئلن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي جوابن تي ٻڌل جامع جائزو پيش ڪيو ويو، جن ۾ التوا ۾ پيل مسئلن، اڳڀرائي ۽ وڌيڪ پاليسي قدمن جي ضرورت جي نشاندهي ڪئي وئي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان چين، ڏکڻ ڪوريا، ترڪيه، جاپان ۽ ويٽنام سميت اهم واپاري ڀائيوارن سان ترجيحي واپاري سهولتن ۾ بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چين سان ٽيرف رعايت ۾ وڌائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا سان ترجيحي واپاري انتظامن تي به اڳڀرائي ٿي رهي آهي، ٻين ملڪن سان رابطا، سفارتي مشنز، واپاري آفيسن ۽ ٻطرفي مشاورت ذريعي جاري آهن. ترڪيه ۾ پاڪستاني ٽائرن جي روانگي واپار کي پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽائرن جي ڪيترن ئي قسمن ٻطرفي ترجيحي واپاري معاهدي تحت رعايتون حاصل آهن. روانگي واپار ڪندڙن کي چيو ويو ته هو لاڳاپيل شين تفصيل ۽ ايڇ ايس ڪوڊز فراهم ڪن ته جيئن باقي مسئلا ترڪيه اختيارين آڏو اٿاري سگهجن. اجلاس ۾ صنعتي شعبي لاءِ توانائي جي لاڳت، خاص ڪري گئس ليوي جي اثرن جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ناڻي واري وزارت لاڳاپيل سرڪاري ادارن ۽ صنعتي شعبي جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪا گئس ليوي جي پاليسي ۽ ان جي حساب جي طريقي جو جائزو وٺي امڪاني بهتري لاءِ سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ روانگي واپار ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي اسڪيم جي طريقيڪار ۽ اهليت جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن ايڪسپورٽ پروموشن اسڪيم تحت ترغيبن کي بهتر بڻائڻ جو مشورو ڏنو ته جيئن ڪاروبار کي عالمي مارڪيٽن ۾ وڪرو وڌائڻ جي ترغيب ملي سگهي. روانگي واپار ڪندڙن کي نباتات واري کاتي طرفان سرٽيفڪيشن فيس ۽ دستاويزن ۾ بار بار ترميمن جي خرچن تي به خدشن جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ان ڳاهه تي زور ڀريو ويو ته ضابطاجاتي فيسن کي معقول بڻايو وڃي ته جيئن ادارن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏ روانگي واپار ڪندڙن کي غير ضروري مالي بار کان بچائي سگهجي. واپار واري وزارت ان معاملي جو جائزو وٺي رهي آهي. ڪاروباري ويزائن تي پابندين، پرڏيهي سفر جي هدايتن ۽ انشورنس جي خرچن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڳاپيل اختيارين سفارتي ذريعن ذريعي انهن معاملن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن ته تصديق ٿيل روانگي واپار ڪندڙن ۽ ڪاروباري نمائندن جي ويزائن جي ڪارروائي تيز ڪرڻ جي امڪان تي پڻ غور ڪيو ويو. لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري شين جو روانگي واپار وڌائڻ جي موقعن جو جائزو وٺندي وفاقي وزير هدايت ڪئي ته نئين تجويزن کي حڪومت جي جاري قدمن ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ نجي شعبي سان ٿيندڙ مشاورت سان هم آهنگ ڪيو وڃي. عملدارن کي هن شعبي جي ترقي لاءِ موجوده پاليسي ترجيحن ۽ نون موقعن جي بنياد تي جامع سفارشون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.پاڪستان جي جي ايس پي پلس جي حوالي سان اجلاس ۾ عالمي واعدن تي مسلسل عملدرآمد ۽ يورپي ڀائيوارن سان رابطا برقرار رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو ويو ته جيئن پاڪستان جي ترجيحي واپاري مارڪيٽن تائين رسائي محفوظ رکي سگهجي. ڄام ڪمال خان چيو ته روانگي واپار ڪندڙن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، ضابطاجاتي ادارن ۽ نجي شعبي وچ ۾ موثر رابطو ضروري آهي. هن چيو ته معمولي ضابطاجاتي خرچ ۽ طريقيڪار جون مشڪلاتون به مجموعي طور تي روانگي واپار جي چٽاڀيٽي واري صلاحيت کي متاثر ڪري سگهن ٿيون، تنهن ڪري انهن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ مک روانگي واپار ڪندڙن کي چيو ويو ته اهي پنهنجا مسئلا، تجويزن ۽ حڪومت طرفان گهربل قدمن تي ٻڌل مختصر لکت واريون سفارشون پيش ڪن. جڏهن ته لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي التوا ۾ پيل معاملن جي حل لاءِ تازي اڳڀرائي ۽ امڪاني مدي کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اهم روانگي واپار ڪندڙن سان مسلسل مشاورت جاري رکڻ، ڪاروباري خرچ گهٽ ڪرڻ،عالمي مارڪيٽن تائين رسائي وڌائڻ ۽ پاڪستان جي روانگي اوپار تي ٻڌل معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو.









