اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف سان ڪمانڊر ڪويت نيول فورس ريئر ايڊمرل سيف الحملان اسلام آباد ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. دفاع واري وزارت مان جاري پڌرائي مطابق ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، بحري شعبي ۾ گڏيل تعاون ۽ علائقائي سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ - ڪويت پراڻن ڀائراڻن …
دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ڪمانڊر ڪويت نيول فورس جي ملاقات، دفاعي ۽ بحري تعاون وڌائڻ تي اتفاق
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف سان ڪمانڊر ڪويت نيول فورس ريئر ايڊمرل سيف الحملان اسلام آباد ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. دفاع واري وزارت مان جاري پڌرائي مطابق ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، بحري شعبي ۾ گڏيل تعاون ۽ علائقائي سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ – ڪويت پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل دفاعي حصيداري کي وسعت ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.









