اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ سحر ڪامران رٿ پيش ڪئي ته ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع فوري طور غور هيٺ آندو وڃي. ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر، بل جي شق وار منظوري حاصل ڪئي. بل جي شق 4 ۾ نعيمه ڪشور خان …
قومي اسيمبلي، ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ سحر ڪامران رٿ پيش ڪئي ته ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع فوري طور غور هيٺ آندو وڃي. ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر، بل جي شق وار منظوري حاصل ڪئي. بل جي شق 4 ۾ نعيمه ڪشور خان ترميم پيش ڪئي ته جيڪا اڪثريت راءِ سان رد ڪئي وئي. سحر ڪامران رٿ پيش ڪئي ته ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن (ترميمي) بل 2025ع منظور ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.












