عورتن کي بااختيار بڻائڻ پائيدار معاشي ترقي ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ ضروري آهي: اورنگزيب کچي

پشاور-27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته معياري تعليم، هنرمندي ۽ معاشي موقعن ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائڻ پائيدار معاشي ترقي ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ ضروري آهي. هو اڱاري ڏينهن پاڪستان پاورٽي ايليوليشن فنڊ ۽ شهيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي (ايس بي بي ڊبليو يو) پشاور جي گڏيل سهڪار سان (دخترانِ پاڪستان) پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي سماجي …

پشاور-27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته معياري تعليم، هنرمندي ۽ معاشي موقعن ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائڻ پائيدار معاشي ترقي ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ ضروري آهي. هو اڱاري ڏينهن پاڪستان پاورٽي ايليوليشن فنڊ ۽ شهيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي (ايس بي بي ڊبليو يو) پشاور جي گڏيل سهڪار سان (دخترانِ پاڪستان) پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي سماجي ۽ معاشي خودمختياري جي موضوع تي منعقد قومي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته عورتون سماج جو اهم حصو آهن ۽ ملڪ جي ثقافتي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ سندن فعال شرڪت ضروري آهي. اورنگزيب کچي چيو ته عورتون پاڪستان جي شاهوڪار ثقافتي ورثي، روايتي هنر، دستڪاري ۽ تخليقي معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن عورتن جي صلاحيتن کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن کي پليٽ فارم، وسيلا ۽ اداراجاتي مدد فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيئن هو پنهنجي ثقافتي ڄاڻ ۽ صلاحيتن کي پائيدار معاشي سرگرمين ۾ تبديل ڪري سگهن. هن خاص ڪري ڳوٺاڻن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ عورتن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ تعليم، پيشيوراڻي تربيت، مارڪيٽن ۽ مالي موقعن تائين وڌ کان وڌ پهچ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته عورتن کي تعليم سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي مهارتن سان به آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو معاشي طور تي بااختيار بڻجي سگهن ۽ معاشري ۽ قومي معيشت ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ کين تعليم، هنرمندي ۽ بامقصد معاشي سرگرمين ۾ شرڪت جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن دستياب وسيلا کي ڪتب آڻي رهي آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت عورتن جي تيار ڪيل هٿ جي هنر ۽ ٻين شين لاءِ وسيع تر مارڪيٽ تائين پهچ فراهم ڪرڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هو اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻي سگهن. اورنگزيب کچي چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه جي حڪومت سان گڏجي صوبي جي نوجوانن ۽ يونيورسٽين جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي. هن شهيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي پشاور پاران عورتن کي ڊجيٽل پليٽ فارمز ۽ ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ عورتن لاءِ تعليمي موقعن کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڀريو.