ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جي اميد آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هوائون موجود آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ صبح ۽ رات جي وقت ۾ موسم ٿڌي رهڻ جي اميد آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هوائون موجود آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهي، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ ٿڌ رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد ليه ڪاٽو 04، اسڪردو ڪاٽو 01 ۽ زيارت ۾ 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.