ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ ڪشميري عوام جي جدوجهد، قربانين ۽ حقِ خوداراديت کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا: گورنر سيد محمد نهال هاشمي

ڪراچي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هن ڏينهن ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ ڪشميري عوام جي جدوجهد، قربانين ۽ حقِ خوداراديت کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ۽ المناڪ ڏينهن آهي. ڪشميري عوام جي آزادي، وقار ۽ حق خوداراديت جي …

ڪراچي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هن ڏينهن ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ ڪشميري عوام جي جدوجهد، قربانين ۽ حقِ خوداراديت کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ۽ المناڪ ڏينهن آهي. ڪشميري عوام جي آزادي، وقار ۽ حق خوداراديت جي خواهش کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. پاڪستان ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺو آهي. ڪشميري عوام امن، انصاف ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو حق رکي ٿو. هن چيو ته ڪشميري عوام کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ عالمي ضمير لاءِ سواليا نشان آهي. والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ عالمي برادري اثرائتا قدم کڻي. ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.