اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته نائب وزيراعظم جي مقرري رولز آف بزنس 1973ع تحت ڪئي وئي آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ پهريون ڀيرو هي مقرري ناهي ٿي پر ماضي ۾ به نائب وزيراعظم جي مقرري ڪئي وئي آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر محمد همايون مهمند جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته حڪومت آئين …
نائب وزيراعظم جي مقرري رولز آف بزنس 1973ع تحت ڪئي وئي آهي: پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته نائب وزيراعظم جي مقرري رولز آف بزنس 1973ع تحت ڪئي وئي آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ پهريون ڀيرو هي مقرري ناهي ٿي پر ماضي ۾ به نائب وزيراعظم جي مقرري ڪئي وئي آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر محمد همايون مهمند جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته حڪومت آئين ۽ رولز آف بزنس تحت معاملا هلائيندي آهي ۽ نائب وزيراعظم جي مقرري پڻ لاڳاپيل قاعدن مطابق ڪئي وئي آهي. هن چيو ته نائب وزيراعظم جي مقرري جي حوالي سان آئين ۾ واضح گنجائش هئڻ نه هئڻ جو معاملو هڪ راءِ جي حيثيت رکي ٿو جنهن تي بحث ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڪو ميمبر مستقبل ۾ ان حوالي سان آئيني ترميم جي تجويز پيش ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي. وفاقي وزير وضاحت ڪئي ته رولز آف بزنس 1973ع جي رول 5 (2) تحت وزيراعظم کي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل انتظامي گنجائش موجود آهي ۽ حڪومت انهي قاعدي تحت نائب وزيراعظم جي مقرري ڪئي آهي.








