جعلي خبرن ۽ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته حڪومت جعلي خبرن، گمراهه ڪندڙ معلومات، منفي پروپيگنڊا ۽ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. سائبر ڏوهن جي وڌندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ قانون موجب ڪارروائي يقيني بڻائڻ لاءِ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي قائم ڪئي وئي آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر انوشه …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته حڪومت جعلي خبرن، گمراهه ڪندڙ معلومات، منفي پروپيگنڊا ۽ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. سائبر ڏوهن جي وڌندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ قانون موجب ڪارروائي يقيني بڻائڻ لاءِ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي قائم ڪئي وئي آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر انوشه رحمان جي سوال جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته جعلي خبرن جي پکيڙ جا منفي اثر سڄي دنيا ۾ سامهون اچي رهيا آهن ۽ پاڪستان به هن مسئلي کان متاثر آهي. حڪومت انهن اثرن کي گهٽائڻ ۽ سوشل ميڊيا جي غير ذميواراڻي استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا کي اثرائتي ضابطن هيٺ آڻڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ دنيا جا مختلف ملڪ ان حوالي سان قدم کڻي رهيا آهن. چين به پنهنجي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا کي پنهنجي قانونن ۽ ضابطن مطابق هلائي رهيو آهي. پاڪستان به ان حوالي سان مختلف ملڪن جي تجربن ۽ قدمن مان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا ذريعي ڪنهن به شخص تي الزام لڳائڻ، ڪوڙي خبر پکيڙڻ ۽ منفي پروپيگنڊا ڪرڻ آسان ٿي ويو آهي، جنهن جا سماجي سطح تي سنگين منفي اثر پون ٿا. ڪجهه عنصر هن پليٽ فارم کي ملڪي مفادن ۽ رياستي ادارن خلاف استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته جعلي خبرن ذريعي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ جهڙا واقعا پڻ سامهون اچن ٿا. هن چيو ته سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جو مسئلو صرف سماجي نوعيت جو ناهي پر ان جا ٻيا به رخ آهن، جن ۾ رياستي ادارن کي نشانو بڻائڻ، ملڪي مفادن خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ شهرين کي مختلف طريقن سان تنگ ڪرڻ شامل آهي. انهن چئلينجن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي فعال ۽ اثرائتو بڻائڻ ضروري آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ماضي ۾ سائبر ڏوهن بابت معاملا وفاقي جاچ اداري جي سائبر ڪرائم ونگ ذريعي ڏٺا ويندا هئا جڏهن ته وقت گذرڻ سان گڏ انهن ڏوهن جي نوعيت ۽ انگ ۾ واڌ سبب نوان چئلينج سامهون آيا آهن. جعلي خبرون پکيڙڻ، منفي پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن کي نظر ۾ رکندي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي قائم ڪئي وئي ته جيئن سائبر ڏوهن سان لاڳاپيل معاملن کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته نئين ايجنسي قائم ڪرڻ جو مقصد سائبر ڏوهن ۽ سوشل ميڊيا جي منفي استعمال بابت معاملن جي روڪٿام ۽ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ آهي. حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ڊجيٽل پليٽ فارمز کي غير قانوني سرگرمين لاءِ استعمال ڪندڙن خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن.