اسلام آباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيڙپڪارن جي اعتماد کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ويجهو رابطو برقرار رکن ۽ معاملن جي وقت سر فالو اپ کي يقيني بڻائين. اڱاري ڏينهن نائب وزيراعظم جي …
سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ جي لاءِ شفافيت ۽ جوابدهي لازمي آهي: اسحاق ڊار
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيڙپڪارن جي اعتماد کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ويجهو رابطو برقرار رکن ۽ معاملن جي وقت سر فالو اپ کي يقيني بڻائين. اڱاري ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آڊٽ اوورسائيٽ بورڊ جي قانون ۾ تجويز ڪيل ترميمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۽ آڊٽ ۽ مالياتي رپورٽنگ جي اعلى معيار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اداراجاتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سيڙپڪارن جي اعتماد کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جي اهميت تي زور ڏنو. هن لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ويجهو رابطو برقرار رکن ۽ معاملن جي وقت سر فالپ کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ناڻي ۽ قانون ۽ انصاف وارن سيڪريٽرين، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين، آڊٽ اوورسائيٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جي نمائندي شرڪت ڪئي.










