اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڪشمير جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن ڀارت فوجي طاقت جي زور تي ڪشميري سرزمين تي ناجائز قبضو ڪيو. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڏهاڪا گذرڻ باوجود ڀارت جو …
والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين پائماليون عالمي برادري لاءِ فڪر جو لمحو آهن: حنيف عباسي
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڪشمير جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن ڀارت فوجي طاقت جي زور تي ڪشميري سرزمين تي ناجائز قبضو ڪيو. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڏهاڪا گذرڻ باوجود ڀارت جو ڏاڍ ڪشميري جي آزادي واري جذبي کي ختم نه ڪري سگهيو، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون عالمي برادري لاءِ فڪر جو لمحو آهن، جتي نه قوم جي جان ۽ مال محفوظ آهي ۽ نه ئي بنيادي حق. هن زور ڀريو ته ڪشمير مسئلي زمين جو تڪرار ناهي پر لکين ڪشميرين جي حق خودارايت جو معاملو آهي، جنهن جو بنياد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون فراهم ڪن ٿيون. ڪشميري عوام جي مرضي کانسواءِ ڪو به قدم ان جو متبادل نٿو ٿي سگهي. هن عزم ورجايو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشميرين جي جائز حق جي غير مشروط حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ هميشه بيٺل رهندو.







