اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيز سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملاقات ڪئي ۽ سندس پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ ٻه طرفي پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي پُراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيز سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيز سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملاقات ڪئي ۽ سندس پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ ٻه طرفي پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي پُراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هن پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪ-مالديپ پارلياماني دوستي گروپ ٻطرفي پارلياماني لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پارلياماني سفارتڪاري علائقائي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ واپاري ماپو وڌائڻ لاءِ ٿيندڙ معاهدن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته مالديپ جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو. مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مالديپ جي عوام پاڪستان جي عوام سان دلي وابستگي رکي ٿي. مالديپ جي صدر علائقائي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ گرمجوشي سان استقبال ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان ٿورن جو اظهار ڪيو. مُلاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر شازيه ثوبيه، شائسته خان ۽ سنجي پرواڻي پڻ موجود هئا.









