صدر آصف علي زرداري سان مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي ملاقات، پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ تي زور

اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ مضبوط سياسي خيرسگالي کي واپار، سيڙپڪاري، رابطن ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تعليم، صحت، انساني وسيلن جي ترقي، سماجي تحفظ ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ مالديپ جي مدد جي لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه مالديپ جي …

اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ مضبوط سياسي خيرسگالي کي واپار، سيڙپڪاري، رابطن ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تعليم، صحت، انساني وسيلن جي ترقي، سماجي تحفظ ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ مالديپ جي مدد جي لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سان ڳالهائيندي چئي جنهن اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري صدر محمد معيزو جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل اعتماد، خودمختياري جي احترام ۽ پائيدار خيرسگالي تي قائم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 60 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي مالديپ جي صدر جو سرڪاري دورو ٻطرفي حصيداري کي نئين سگهه فراهم ڪري رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر آصف علي زرداري مالديپ جي ترقي ۾ پاڪستان جي پراڻي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته گادي واري شهر مالي ۾ پارليامينٽ جي عمارت ۽ اسڪول آف ميڊيسن ٻنهي ملڪن جي دوستي جون پائيدار علامتون آهن. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن موسمياتي تبديلين جي انهن ملڪن تي غيرمتناسب اثرن کي تسليم ڪيو جيڪي قدرتي آفتن ۽ ماحولياتي خطرن کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، خاص طور تي ننڍي جزيره رياستن ۽ موسمياتي تبديلين جي خطرن ۾ ورتل اسرندڙ معيشتن کي درپيش چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري مالديپ جي صدر جي 50 لک ٻوٽا لڳائڻ جي قدم جي حمايت سميت موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ، ماحوليات جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ مالديپ سان تعاون وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور موجب ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري، خودمختيار برابري، گڏيل احترام ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. هن فلسطيني عوام جي جائز حقن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سان گڏ پرڏيهي وزير اريٿيشام آدم، دفاع ۽ قومي خدمتن وارو وزير حسن رشيد، گهرو ۽ سلامتي معاملن، محنت ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير علي احسان، اقتصادي ترقي، ٽرانسپورٽ ۽ وارپار وارو وزير محمد سعيد ۽ مالديپ جو پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر محمد ٿوها پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير سيد محسن نقوي، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انوار، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، اڳوڻو وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ مالديپ ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر پڻ شريڪ هئا. ملاقات کانپوءِ صدر آصف علي زرداري مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ رياستي آجياڻي جو اهتمام ڪيو. آجياڻي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، چيف آف دي ايئر اسٽاف ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو، ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پارليامينٽرينز ۽ سفارتي ڪور جي نمائندن شرڪت ڪئي.