وزيراعظم پاران شاندار مهمان نوازي تي ٿورائتو آهيان، محمد شهباز شريف سان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي: مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي “ايڪس” تي پوسٽ

اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو شاندار ۽ فراخدلاڻي ميزباني، محبت، شفقت ۽ دوستي جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا دل سان ٿورا ادا ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ تعميري ڳالهه ٻولهه دوران واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي ۽ گهڻ رخي تعاون سميت اهم شعبن ۾ گڏيل ترجيحن جو تعين ڪيو ويو، ٻطرفي واپار کي …

اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو شاندار ۽ فراخدلاڻي ميزباني، محبت، شفقت ۽ دوستي جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا دل سان ٿورا ادا ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ تعميري ڳالهه ٻولهه دوران واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي ۽ گهڻ رخي تعاون سميت اهم شعبن ۾ گڏيل ترجيحن جو تعين ڪيو ويو، ٻطرفي واپار کي هڪ ڪروڙ 30 لک ڊالر کان وڌائي 20 ڪروڙ ڊالر تائين وٺي وڃڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته 20 مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ نئين باب جي شروعات آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته آئون وزيراعظم ۽ ويجهي ڀاءُ محمد شهباز شريف جا شاندار ۽ فراخدلاڻي ميزباني سان گڏوگڏ محبت، شفقت ۽ دوستي جو اظهار ڪرڻ تي دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو. صدر محمد معيزو جيڪو پاڪستان جي دوري تي آهي، چيو ته اڄ ٿيندڙ انتهائي ڪارائتي سرڪاري ڳالهه ٻولهه تي آئون تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، ان ڳالهه ٻولهه دوران تعميري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن سان اسان جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو ٺوس بنياد فراهم ٿيو آهي خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باضابطا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 60 سال مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان پنهنجي پراڻي دوستي جو جائزو ورتو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت ۽ تعليم، ماحوليات ۽ سياحت، ماهيگيري ۽ زراعت، نوجوانن ۽ راندين، دفاع ۽ سلامتي، تربيت ۽ صلاحيت ۾ اضافي، جڏهن ته علائقائي ۽ گهڻ رخي تعاون سميت اهم شعبن ۾ گڏيل ترجيحن جو تعين ڪيو. هن خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان ايندڙ ٻن سالن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي هڪ ڪروڙ 30 لک ڊالر کان وڌائي 20 ڪروڙ ڊالر تائين وٺي وڃڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته آئون پنهنجي 5 ملين وڻ لڳائڻ جي قدم جي لاءِ اڻٿڪ عطيي تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. مالديپ جي صدر چيو ته منهنجي ۽ منهنجي ملڪ جي لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد مون کي سياست ۽ عالمي لاڳاپن جي شعبي ۾ ڊاڪٽر آف فلاسفي (اعزازي ڊگري) سان نوازيو آهي. هن چيو ته اڄ 20 مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) جي مٽاسٽا مالديپ ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ هڪ متحرڪ ۽ نئين باب جي شروعات آهي، آئون انهن قدمن کي اڳتي وڌائڻ ۽ هڪ مضبوط، گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري جي تعمير جي لاءِ پُراميد آهيان.