وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري جي مرحومه شاگردياڻي لائبه اعجاز جي گهر آمد، گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري وفاقي گادي واري هنڌ جي سيڪٽر جي 10 ۾ مرحومه شاگردياڻي لائبه اعجاز جي رهائش گاهه جو دورو ڪيو. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سوڳوار ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو، مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ مغفرت جي دعا …

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري وفاقي گادي واري هنڌ جي سيڪٽر جي 10 ۾ مرحومه شاگردياڻي لائبه اعجاز جي رهائش گاهه جو دورو ڪيو. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سوڳوار ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو، مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ مغفرت جي دعا ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير، لائبه اعجاز ڪيس ۾ هن وقت تائين ٿيل قانوني ۽ جاچ جي اڳڀرائي کان گهرڀاتين کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير ڳالهائيندي چيو ته ان ڪيس جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ پوري جاچ ٽيم رات ڏينهن محنت ڪئي ۽ مظلوم خاندان سان ڪيل واعدو پورو ڪرڻ رياست ۽ حڪومت جي اولين فرض هو. مرحومه لائبه اعجاز جي والد ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان ۽ گهرو وزير محسن نقوي جو ذاتي دلچسپي ۽ انصاف جي فوري فراهمي تي دلي طور شڪريو ادا ڪيو. هن جذباتي انداز ۾ چيو ته اسان هميشه ٻڌو هو ته رياست ماءُ جهڙي هوندي آهي، پر اهڙي طرح اسان جي دادرسي ڪئي وئي اسان کي ان تي عملي يقين ٿي ويو آهي. دوري دوران چيف ڪمشنر اسلام آباد، انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد پوليس ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ آفيسر به موجود هئا.