حيدرآباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) حيدرآباد جي پڃياري ٿاڻي جي حدن ۾ گهٽيءَ ۾ پارڪنگ ۽ ڪچري جي معاملي تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ارشاد، آفاق ۽ ڪامران شامل آهن. واقعي جو ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ پوليس جي وڏي نفري فوري طور تي وٺي واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو …
حيدرآباد جي پڃياري ٿاڻي جي حد ۾ گهٽيءَ ۾ پارڪنگ ۽ ڪچري جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي

مزید خبریں
حيدرآباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) حيدرآباد جي پڃياري ٿاڻي جي حدن ۾ گهٽيءَ ۾ پارڪنگ ۽ ڪچري جي معاملي تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ارشاد، آفاق ۽ ڪامران شامل آهن. واقعي جو ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ پوليس جي وڏي نفري فوري طور تي وٺي واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي فوري ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته زخمين کي ترت طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جي ترجمان موجب ابتدائي معلومات موجب فائرنگ ڊي ايس پي اشرف قريشي ۽ سندس گن مين پاران ڪئي وئي. واقعي جي مڪمل جاچ جاري آهي ۽ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ واضح ڪيو آهي ته قانون کان مٿانهون ڪو به ناهي، واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.









