جيڪب آباد پوليس جون مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون جاري

لاڙڪاڻو - 07 آڪٽوبر (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس جون مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. پوليس ترجمان موجب پوليس مختلف ڪاررواين دوران چوري ٿيل هڪ مينهن ۽ ڦر ٿيل ٻه موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون، جن جي تصديق ۽ ويريفڪيشن کان پوءِ اصل مالڪن حوالي ڪيون ويون. ايس ايڇ او ٿاڻو دوداپور ايس آءِ پي معشوق علي جکراڻي پوليس اسٽاف سان گڏ  ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڳوٺ ڇٽل آباد ۾ …

لاڙڪاڻو – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس جون مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. پوليس ترجمان موجب پوليس مختلف ڪاررواين دوران چوري ٿيل هڪ مينهن ۽ ڦر ٿيل ٻه موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون، جن جي تصديق ۽ ويريفڪيشن کان پوءِ اصل مالڪن حوالي ڪيون ويون. ايس ايڇ او ٿاڻو دوداپور ايس آءِ پي معشوق علي جکراڻي پوليس اسٽاف سان گڏ  ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڳوٺ ڇٽل آباد ۾ محمد حنيف ٻٻر جي چوري ٿيل مينهن هٿ ڪري ورتي، جنهن کي قانوني ڪارروائي ۽ تصديق کان پوءِ اصل مالڪ حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او ٿاڻو باهو کوسو انسپيڪٽر بشير احمد مگسي پوليس اسٽاف سان گڏ  ڪامياب ڪارروائي ڪندي عبدالوحيد ولد عبدالمالڪ بروهي کان 28 سيپٽمبر 2026 تي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي، جنهن کي قانوني ڪارروائي ۽ تصديق کان پوءِ اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏيو آھي. ايس ايڇ او ٿاڻو ڳڙهي حسن ايس آءِ پي محمد حنيف اوڍو پوليس اسٽاف سان گڏ ڪامياب ڪارروائي ڪندي سڪندر علي ولد مير حسن کوسو جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي، جنهن کي تصديق کان پوءِ اصل مالڪ حوالي ڪيو ويو. چوري ٿيل مال واپس ملڻ تي شهرين ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي ۽ لاڳاپيل پوليس آفيسرن جو شڪريو ادا ڪيو. ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي ڪامياب ڪارروايون ڪرڻ تي لاڳاپيل پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباش ڏني.