حيدرآباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي معيار ۽ ٽي ڊي ايس جي مقدار بابت هڪ اجلاس اڱاري ڏينهن سندس آفيس شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ واٽر ڪميشن، آبپاشي، سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) ۽ واٽر اينڊ سيوريج سميت لاڳاپيل ادارن جي عملدارن پاڻي جي نمونن جي جانچ ۽ موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. …
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد جي صدارت ۾ سنڌو درياهه ۾ ٽي ڊي ايس جي مقدار بابت اجلاس، نمونن جي باقاعده جانچ ۽ نگراني جاري رکڻ جي هدايت

مزید خبریں
حيدرآباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي معيار ۽ ٽي ڊي ايس جي مقدار بابت هڪ اجلاس اڱاري ڏينهن سندس آفيس شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ واٽر ڪميشن، آبپاشي، سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) ۽ واٽر اينڊ سيوريج سميت لاڳاپيل ادارن جي عملدارن پاڻي جي نمونن جي جانچ ۽ موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه جي مختلف هنڌن وٽان حاصل ڪيل پاڻي جي نمونن جي واٽر اينڊ سيوريج، آبپاشي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ واٽر ڪميشن جي ليبارٽريز ۾ جانچ ڪئي وئي جنهن ۾ ٽي ڊي ايس جي مقدار اٽڪل 595 کان 600 رڪارڊ ٿيو، جيڪو مقرر معيار موجب آهي. ڪمشنر حيدرآباد لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سنڌو درياهه جي مختلف جڳهن تان پاڻي جا نمونا باقاعدگي سان حاصل ڪري ٽي ڊي ايس جي مقدار جي مسلسل نگراني ۽ مختلف لاڳاپيل ليبارٽريز مان جانچ جو عمل جاري رکيو وڃي ته جيئن پاڻي جي معيار بابت اعتماد جوڳا ۽ وقت سر انگ اکر موجود رهن. هن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي پاڻ ۾ ويجهي رابطي ۽ سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سيپا سنڌو درياهه جي ڀرپاسي قائم صنعتي يونٽس ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽس جي موثر ۽ مسلسل آپريشن کي يقيني بنائڻ ۽ ماحولياتي ضابطي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ضروري ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ چيئرمين واٽر ڪميشن ڊاڪٽر محمد احسان صديقي، چيف انجنيئر ڪوٽڙي بيراج رياض حسين شاهه، فوڪل پرسن واٽر ڪميشن سيد عرفان علي، سي اي او واٽر اينڊ سيوريج حيدرآباد طفيل ابڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سيپا علي نواز ڀنڀرو ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا.









