ايس ايم بي بي ايم يو لاڙڪاڻي ۾ راندين جون سرگرميون، مختلف مقابلا منعقد ڪرايا ويا

لاڙڪاڻو-29 سيپٽمبر (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي (ايس ايم بي بي ايم يو) لاڙڪاڻو پاران سال 2026ع جي دفاعي ڏينهن جي حوالي سان ڪرڪيٽ، فٽبال ۽ ٿرو بال جا مختلف مقابلا منعقد ڪرايا ويا، جن ۾ يونيورسٽي جي آئيني ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس جي شاگردن وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه شاگردن جي ڀرپور شرڪت کي ساراهيندي چيو ته راندين …

لاڙڪاڻو-29 سيپٽمبر (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي (ايس ايم بي بي ايم يو) لاڙڪاڻو پاران سال 2026ع جي دفاعي ڏينهن جي حوالي سان ڪرڪيٽ، فٽبال ۽ ٿرو بال جا مختلف مقابلا منعقد ڪرايا ويا، جن ۾ يونيورسٽي جي آئيني ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس جي شاگردن وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه شاگردن جي ڀرپور شرڪت کي ساراهيندي چيو ته راندين جون سرگرميون جسماني، ذهني ۽ سماجي صحت لاءِ انتهائي اهم آهن. هن اعلان ڪيو ته يونيورسٽي جو نئون جمنازيم جلد فعال ڪري جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويندو، جنهن مان شاگردن ۽ فيڪلٽي کي فائدو حاصل ٿيندو.ڪرڪيٽ ۾ سي ايم سي بئچ 53، فٽبال ۾ سي ايم سي بئچ 52 ۽ ڇوڪرين جي ٿرو بال ۽ فٽبال ۾ فارميسي ڪاليج فاتح رهيون. نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا ويا.تقريب جي پڄاڻيءَ تي شاگردن ثقافتي پروگرام پيش ڪيا، جڏهن ته شاندار آتشبازي پڻ ڪئي وئي. تقريب خوشگوار ۽ جوش ڀريي ماحول ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي.

مزید خبریں