اسلام آباد - 29 سيپٽمبر (اي پي پي) چائنا نيوز سروس جي عالمي رابطا مرڪز جي نائب ڊائريڪٽر وانگ گائوفئي اڱاري ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو دورو ڪيو جتي کيس قومي خابرو اداري جي پيشيواراڻي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. اي پي پي جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ وانگ گائوفئي کي اداري بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته اي پي پي هڪ معتبر خابرو اداري …
چائنا نيوز سروس جي عالمي رابطا مرڪز جي نائب ڊائريڪٽر وانگ گائوفئي پاران ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جو دورو، وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ پيشيواراڻي معاملن تي بريفنگ ڏني

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) چائنا نيوز سروس جي عالمي رابطا مرڪز جي نائب ڊائريڪٽر وانگ گائوفئي اڱاري ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو دورو ڪيو جتي کيس قومي خابرو اداري جي پيشيواراڻي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. اي پي پي جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ وانگ گائوفئي کي اداري بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته اي پي پي هڪ معتبر خابرو اداري جي حيثيت سان موجوده دور جي ميڊيا جي بدلجندڙ منظرنامي ۾ جديد گهرجن سان هم آهنگ ٿي متنوع خابرو اداري جي طور تي اڳتي وڌي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته اي پي پي پنهنجي صارفين کي گهڻ لساني لکت وارين خبرن کانسواءِ معياري وڊيوز، تصويرن ۽ ڊيجيٽل ذريعن جي وسيلي جامع خبرن جي ڪوريج فراهم ڪري رهيو آهي، انگريزي ۽ اردو کانسواءِ چار صوبائي زبانن سميت چيني ۽ عربي ۾ خبرون جاري ڪيون وڃن ٿيون جنهن سان اي پي پي کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي وسيع دائره ڪار حاصل آهي. سبين عثمان خٽڪ ٻڌايو ته اي پي پي جو وسيع ادارتي نيٽ ورڪ اسلام آباد ۾ مرڪزي آفيس، علائقائي بيوروز ۽ اسٽيشنز، بيجنگ ۽ گڏيل قومن ۾ غيرملڪي نمائندن ۽ سڄي ملڪ ۾ اعزازي نمائندن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اي پي پي 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سرڪاري خبرون پهچائيندڙ ايجنسين سان خبرن جي ڏي وٺ جا معاهدا ڪري رکيا آهن جيڪي عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار آهن. ان موقعي تي وانگ گائوفئي چيو ته چين ۽ پاڪستان جي ميڊيا ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪ ٻئي جي ثقافت، سياحت ۽ ماڻهن بابت ڪهاڻين کان روشناس ڪرائي پُل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته هو پنهنجي پيشيواراڻي سرگرمين جي ذريعي چين ۾ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي رهي آهي. ان سلسلي ۾ هن چين ۾ مقرر پاڪستان جي ڪيترن ئي سفيرن جا انٽرويوز پڻ ڪيا جڏهن ته انهن لکڻين کي اڪثر چيني ميڊيا شايع ۽ حوالو بڻايو. چائنا نيوز سروس جي عهديدار اي پي پي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو جن ۾ مرڪزي نيوز ڊيسڪ، رپورٽنگ سيڪشن، چيني ڊيسڪ، اردو نيوز سروس ۽ اسٽوڊيوز شامل هئا جتي هن خبرون پهچائڻ جي معاملن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. چائنا نيوز سروس جو قيام 1952ع ۾ عمل ۾ آيو ۽ ان جون چيني سرزمين تي صوبن ۽ بلدياتي علائقن ۾ 31 جڏهن ته ٻاهرئين ملڪ 21 شاخون قائم آهن. ان جي سرڪاري ويب سائيٽ تي روزانو سراسري طور تي 23 ڪروڙ ماڻهو اچن ٿا جڏهن ته ان جي موبائيل ايپلي ڪيشن 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا انسٽال ڪئي وئي آهي.









