صحت رڳو انتظامي نه، قومي سلامتي ۽ معيشت جو به اهم مسئلو آهي، وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته صحت پاڪستان جو رڳو انتظامي مسئلو ناهي پر قومي سلامتي ۽ قومي معيشت جو به اهم مسئلو آهي. پاڪستان ۾ بيمارين جي وڌندڙ بار سبب هيلٿ ڪيئر سسٽم تي دٻاءُ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ بيمارين جي علاج سان گڏوگڏ انهن جي بنيادي سببن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. انهن …

اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته صحت پاڪستان جو رڳو انتظامي مسئلو ناهي پر قومي سلامتي ۽ قومي معيشت جو به اهم مسئلو آهي. پاڪستان ۾ بيمارين جي وڌندڙ بار سبب هيلٿ ڪيئر سسٽم تي دٻاءُ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ بيمارين جي علاج سان گڏوگڏ انهن جي بنيادي سببن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ڪانفرنس آف لائيف اسٽائيل ميڊيسن کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته رڳو وڌيڪ اسپتال ۽ ڊاڪٽرز بڻائڻ وڌندڙ بيمارين جي مسئلن جو مستقل حل ناهن. بيمارين جي وڌندڙ بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ احتياط، بيمارين کان بچاءَ ۽ صحت کي هٿي وٺائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته لائيف اسٽائيل ميڊيسن کي پائيدار بڻائڻ ۽ ان حوالي سان شعور هر فرد تائين پهچائڻ ضروري آهي.  لائيف اسٽائيل ميڊيسن جي مضمون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ۾ قدم کنيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته پي ايم ڊي سي ۾ لائيف اسٽائيل ميڊيسن جي ڪورس جي شموليت ۽ ان حوالي سان ڪميٽي جي جوڙجڪ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪووڊ وبا ثابت ڪيو ته هڪ وقت ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي بيمار هئڻ سان وڏن ملڪن جي صحت جو نظام به دٻاءُ جو شڪار ٿي ويندو آهي، پاڪستان ۾ به مختلف بيمارين سبب وڏي تعداد ۾ ماڻهو هڪ ئي وقت اسپتالن جو رخ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بيمارين جي وڌندڙ بار کي منهن ڏيڻ لاءِ بيمارين جي سببن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ صحت کي هٿي وٺائڻ، احتياطي تدبيرون ۽ بيمارين کان بچاءَ کي قومي صحت جي نظام جو اهم حصو بڻائڻو پوندو.

مزید خبریں