لاڙڪاڻي ۾ سول لائن ٿاڻي جي حد وي آءِ پي روڊ تي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان گوليون لڳڻ سبب قتل

لاڙڪاڻو-29 سيپٽمبر (اي پي پي)لاڙڪاڻي شهر جي سول لائن ٿاڻي جي حد وي آءِ پي روڊ تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ناڪابندي ڪرڻ سميت جوابدارن جي …

لاڙڪاڻو-29 سيپٽمبر (اي پي پي)لاڙڪاڻي شهر جي سول لائن ٿاڻي جي حد وي آءِ پي روڊ تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ناڪابندي ڪرڻ سميت جوابدارن جي هر صورت ۾ گرفتاري کي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. سول لائينز ٿاڻي جي لاڳاپيل ايس ايڇ او جي شروعاتي رپورٽ موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي.مقتول جي سڃاڻپ 30 سالن جي فدا حسين بليدي طور ٿي آهي.شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته مقتول اسپتال ۾ ملازم هو ۽ ڪنهن ذاتي مسئلي سبب 07 ڏينهن موڪل تي وڃڻ کانپوءِ واپس آيو هو. مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ، سي سي ٽي وي چيڪ ڪرڻ ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪرڻ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي جي ڪارروائي جاري آهي.واقعي واري جاءِ سميت شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس جي وڏي نفري موجود آهي.ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي  پڪڙ ۾ آندو ويندو.

مزید خبریں