اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ جي مشن سان اڱاري ڏينهن شروعات ملاقات ڪئي. عالمي مالياتي فنڊ جو مشن پاڪستان لاءِ توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي چوٿين ۽ ريزسٽنس اينڊ سسٽين ايبلٽي سهولت (آر ايس ايف) جي ٽئين جائزي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، آءِ ايم ايف مشن جي قيادت آئيوا پيٽرووا ڪري رهيو آهي. …
ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير پاران عالمي مالياتي فنڊ جي مشن سان شروعاتي ملاقات، پاليسي قدمن ۽ ايندڙ جائزن بابت معاملن تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ جي مشن سان اڱاري ڏينهن شروعات ملاقات ڪئي. عالمي مالياتي فنڊ جو مشن پاڪستان لاءِ توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي چوٿين ۽ ريزسٽنس اينڊ سسٽين ايبلٽي سهولت (آر ايس ايف) جي ٽئين جائزي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، آءِ ايم ايف مشن جي قيادت آئيوا پيٽرووا ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ جاري پروگرام تحت ٿيندڙ اڳڀرائي، پاليسي قدمن ۽ ايندڙ جائزن بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. شروعاتي ورچوئل ڳالهين ۾ مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ ناڻي وزارت جي سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. پاڪستان هن وقت عالمي مالياتي فنڊ جي توسيعي فنڊ سهولت ۽ ريزسٽنس اينڊ سسٽين ايبلٽي سهولت تحت پروگرام تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي، توسيعي فنڊ سهولت جو بنيادي مقصد پاڪستان جي مالياتي ۽ پرڏيهي شعبي جي پائيداري بهتر بڻائڻ، معاشي استحڪام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڍانچا جاتي سڌارن ذريعي معيشت کي مستحڪم بنيادن تي گامزن ڪرڻ آهي. ان تحت مالياتي نظم و ضبط، ٽيڪس جي شعبي ۾ سڌارا، توانائي جي شعبي ۾ بهتري ۽ سرڪاري ادارن سميت مختلف شعبن ۾ سڌارن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ريزسٽنس اينڊ سسٽين ايبلٽي سهولت ڊگهي مدي واري ڍانچه جاتي تعميري مسئلن، خاص ڪري موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي معيشت کي وڌيڪ لچڪدار بڻائڻ بابت آهي. ان پروگرام تحت موسمياتي پاليسي، توانائي، قدرتي وسيلن ۽ مالياتي ۽ اداره جاتي ڍانچي ۾ اهڙن سڌارن تي زور ڀريو پيو وڃي جيڪي پاڪستان جي موسمياتي ۽ معاشي لچڪ ۾ اضافو هجن. عالمي مالياتي فنڊ پنهنجي ٽين جائزي جي پڄاڻي تي پنهنجي بيان ۾ قرار ڏنو هو ته مضبوط پاليسين تي موثر عملدرآمد جي نتيجي ۾ پاڪستان جي معاشي بحالي جو عمل جاري آهي، جنهن سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري طبقن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ معيشت کي مختلف نوعيت جي لوڏن جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. مالي سال 2026ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ جي ڊي پي جي اوسر واري شرح ۾ تيزي آئي، جڏهن ته مهانگائي ڪنٽرول ۾ رهي، ڪرنٽ اڪائونٽس مجموعي طور تي موزن رهيا ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو پڻ اڳ جي اندازن کان بهتر رهيو. وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جا اثر پاڪستان جي ننڍي مدي واري معاشي منظرنامي کي متاثر ڪري رهيا آهن ۽ ايندڙ صورتحال جي حوالي سان غير يقيني ڏٺي پئي وڃي. بنيادي منظرنامي تحت جنگ جي نتيجن ۾ مهانگائي تي دٻاءُ وڌڻ، معاشي اوسر ۽ ادائگين جي توازن تي ناڪاري اثر پوڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته مجموعي اثر محدود رهڻ جي اميد آهي.









