خصوصي فيول ريليف اسڪيم جي ڪاميابي حڪومت جي سمورن ادارن جي گڏيل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿي: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 29 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي خصوصي فيول ريليف اسڪيم جي ڪاميابي کي ساراهيندي چيو آهي ته اها ڪاميابي حڪومت جي سمورن ادارن جي گڏيل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿي. اڱاري ڏينهن هتي نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب هن اڄ نيويارڪ مان واپسي تي وزيراعظم جي خصوصي فيول ريليف اسڪيم تي عملدرآمد جو جائزه …

اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي خصوصي فيول ريليف اسڪيم جي ڪاميابي کي ساراهيندي چيو آهي ته اها ڪاميابي حڪومت جي سمورن ادارن جي گڏيل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿي. اڱاري ڏينهن هتي نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب هن اڄ نيويارڪ مان واپسي تي وزيراعظم جي خصوصي فيول ريليف اسڪيم تي عملدرآمد جو جائزه وٺڻ جي لاءِ فيول سبسڊي بابت قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪميٽي رجسٽريشن، ٽوڪ جي استعمال، ادائيگين ۽ شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته هيستائين اٽڪل 76 لک رجسٽريشن ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ ٽوڪن جي استعمال جو عمل ٻئي هفتي ۾ داخل ٿي ويو آهي، هيستائين 77 لک 10 هزار ٽوڪنز استعمال ڪيا ويا آهن. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسڪيم جي ڪاميابي کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اها حڪومت جي سمورن ادارن جي گڏيل ڪوشش جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پيٽروليم واري وزارت،اوگرا، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ صوبن گڏيل ڪوششون ڪيون آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مستحقين کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ خدمتن جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ اوگرا، اين آءِ ٽي بي ۽ پي ڊي اي جي عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں