اسلام آباد - 29 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت کي عسڪريت پسنداڻي سوچ مان نڪري ذميوار رياست جي سوچ اختيار ڪرڻي پوندي، پاڪستان امن، ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل امن تي يقين رکي ٿو جڏهن ته پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو جواب ڏنو …
افغان عبوري حڪومت کي عسڪريت پسنداڻي سوچ مان نڪري ذميوار رياست جي سوچ اختيار ڪرڻي پوندي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت کي عسڪريت پسنداڻي سوچ مان نڪري ذميوار رياست جي سوچ اختيار ڪرڻي پوندي، پاڪستان امن، ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل امن تي يقين رکي ٿو جڏهن ته پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو جواب ڏنو ويو آهي ۽ ڏنو ويندو، افغان عوام هڪ بهتر ۽ خوشحال مستقبل جي مستحق آهي ۽ انهن کي پنهنجي مستقبل بابت فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڪرڻ ملڻ گهرجي. اڱاري ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ “افغان صورتحال ۽ امن طرف اڳڀرائي” جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان پاڙيسري ملڪ آهن ۽ سدائين پاڙيسري رهندا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي رابطا ۽ لاڳاپا موجود آهن جڏهن ته ماضي ۾ لاڳاپن ۾ هيٺ مٿانهين ٿيندي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي ۽ انتهائي فراخدلي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين امن جو خواهشمند رهيو آهي ۽ گڏيل پرامن بقاءَ تي يقين رکي ٿو، ان مقصد جي لاءِ مختلف وقتن ۾ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي مسئلن جي حل جي ڪوشش ڪئي وئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان مان اعلى سطحي مختلف وفد افغانستان ويا ته جيئن مسئلن جو حل ڳولي سگهجي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل پرامن بقاءَ کي يقيني بڻائي سگهجي جڏهن ته استنبول ۽ دوحه سميت دوست ملڪن ۾ به ڳالهه ٿئي. هن چيو ته امن حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ پاڪستان امن کي موقعو ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي جڏهن ته سوال اهو آهي ته ڇا امن حاصل ڪرڻ عزم موجود آهي؟ بدقسمتي سان ان جو جواب نفتي ۾ آهي. وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ موجوده مسئلن جو هڪ وڏو سبب عسڪريت پسنداڻي سوچ آهي، افغان عبوري حڪومت کي ان سوچ مان نڪري رياستي ۽ مدبراڻو طرز فڪر اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته افغانستان ۾ واپار جي فروغ جا وسيع امڪان موجود آهن، جيڪڏهن امن قائم ٿئي ۽ وچ ايشيا مان افغانستان جي رستي پاڪستان تائين واپاري لنگهه قائم ٿئي ته ٻنهي ملڪن جي عوام خوشحال ٿي سگهي ٿي. وچ ايشيا جي خشڪي ۾ گهيريل رياستن جي لاءِ گرم پاڻين تائين پهچ جو ويجهو ترين رستو پاڪستان آهي. هن چيو ته ان واپاري لنگهه جي راهه ۾ بنيادي رڪاوٽ عسڪريت پسندي آهي. افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ عالمي سطح تي ڪالعدم قرار ڏنل تنظيمن جي ميمبرن جا محفوظ ٺڪاڻا موجود آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه جي ذريعي افغان حڪومت تي واضح ڪيو آهي ته ان کي ان سوچ مان نڪرڻو پوندو ۽ هڪ قابل عمل ۽ پائيدار نظام جي ذريعي امن قائم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته افغانستان هڪ نوجوان آبادي وارو ملڪ آهي جڏهن ته عورتن جي هڪ وڏي انگ کي افرادي قوت جو حصو بڻجڻ کان محروم رکيو ويو آهي جنهن سان ملڪ جي معاشي ترقي متاثر ٿي رهي آهي، معاشري جي ڪجهه طبقن کي بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته گڏيل پرامن بقاءَ جي لاءِ “جيو ۽ جيني دو” جي اصول کي تسليم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان پاران مسلسل ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري آهي، اسان پنهنجو موقف واضح ڪيو آهي ته خوشحالي جي راهه رڳو امن کان ٿي گذري ٿي. جيڪڏهن ان تصور کي ان جي حقيقي روح سان سمجهيو وڃي ته افغان عوام ۽ افغان عبوري حڪومت جي وچ ۾ موجود خال کي به ختم ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته هر افغان شهري امن، استحڪام، معاشي خوشحالي ۽ بهتر معيار زندگي جو خواهشمند آهي. افغان عوام ۽ عبوري حڪومت جي نظريي جي وچ ۾ وڏو فاصلو موجود آهي جنهن جي ڪري افغان عوام غربت ۽ محرومي جو شڪار آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ هڪ طرف دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جو مسئلو آهي جڏهن ته ٻئي طرف افغان عوام کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي، افغان حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ ان خال جي ڪري افغانستان ۾ مسئلا وڌي رهيا اهن ۽ ماڻهو تبديلي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته افغان عوام کي تعيلم، اجتماع، تنظيم سازي، پرامن گڏيل بقاءَ ۽ معاشي آزادي سميت پنهنجا بنيادي حق حاصل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته افغانستان جهڙي وسيع امڪان رکندڙ ملڪ ۾ رڳو عسڪريت پسنداڻي سوچ جي ڪري عوام جي حقن ۽ اقتصادي خوشحالي کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. افغان عبوري حڪومت کي آخرڪار ان سوچ مان ٻاهر نڪري پنهنجي عوام جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو جنهن سان پوري خطي ۾ استحڪام ايندو. هن چيو ته روس ۽ وچ ايشيائي رياستن جا دوست ان حقيقت کي سمجهن ٿا ته خطي ۾ امن قائم ٿيڻ سان واپار کي هٿي ملندي ۽ سيڙپڪاري ايندي. ڪراچي ۽ گوادر تائين واپاري رستي جو قيام وچ ايشيائي رياستن جي پراڻي خواهش اهي جيڪو امن جي صورت ۾ حقيقت بڻجي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته خطي ۾ امن حاصل ڪرڻ ۽ واپار جي فروغ تي اتفاق راءِ موجود آهي، واحد مسئلو افغانستان ۾ امن جو آهي ۽ اهو انهي وقت حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن افغان عبوري حڪومت مسئلي جي سنگيني کي سمجهندي نيڪ نيتي سان ان جو حل ڳولي. هن چيو ته پاڪستان تازي عرصي ۾ ملڪ ۾ حملن جي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال ۽ دهشتگرد تنظيمن کي افغانستان مان ملندڙ سپورٽ تي پنهنجي خدشن کان افغان حڪومت کي آگاهه ڪيو آهي. پاڪستان دهشتگرد حملن جي جواب ۾ ڪارروايون پڻ ڪيون آهن. عطاءُ الله تارڙ واضح ڪيو ته پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان ۾ امن کي سبوتاز ڪرڻ يا ملڪ کي عدم استحڪام ۾ وجهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو جواب ڏنو ويو آهي ۽ اڳتي به ڏنو ويندو. هن چيو ته افغان عوام هڪ بهتر ۽ خوشحال مستقبل جي مستحق آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ افغانستان جي اندر اتفاق راءِ هجڻ گهرجي ته جيئن افغان عوام کي پنهنجي مستقبل بابت فيصلي ڪرڻ جي لاءِ آواز ۽ اختيار حاصل هجي. وفاقي وزير انٽرنيشنل پارليامينٽرينز ڪانگريس ۽ سينيٽر ستاره اياز جا تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي ٿورا ادا ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهڙي طرح جي فورمز جي ذريعي افغان صورتحال جي پيچيده مسئلي جو قابل قبول حل ڳولڻ ۾ مدد ملندي.









