ريبيز هڪ انتهائي اهم ۽ جان ليوا بيماري آهي، وقت سر احتياطي اپاءَ اختيار ڪري ريبيز جهڙي خطرناڪ بيماري کان بچي سگهجي ٿو: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ريبيز هڪ انتهائي اهم ۽ جان ليوا بيماري آهي، جنهن بابت عوام ۾ وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، وقت سر احتياطي اپاءَ اختيار ڪري ريبيز جهڙي خطرناڪ بيماري کان بچي سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ۾ ريبيز کان بچاءَ ۽ …

ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ريبيز هڪ انتهائي اهم ۽ جان ليوا بيماري آهي، جنهن بابت عوام ۾ وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، وقت سر احتياطي اپاءَ اختيار ڪري ريبيز جهڙي خطرناڪ بيماري کان بچي سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ۾ ريبيز کان بچاءَ ۽ ان بابت عوامي آگاهي جي حوالي سان منعقد ڪيل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته ڪُتي جي چڪ لڳڻ جي صورت ۾ فوري طور تي متاثر ٿيل جاءِ کي صابڻ ۽ پاڻي سان چڱيءَ ريت ڌوئڻ انتهائي ضروري آهي، متاثر ٿيل حصي کي اٽڪل 20 منٽن تائين ڌوئڻ سان ريبيز ٿيڻ جا امڪان گهٽجي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪُتي جي چڪ لڳڻ کان پوءِ بنا دير طبي مرڪز سان رابطو ڪري ڊاڪٽرن جي هدايت موجب ضروري علاج ۽ ويڪسين ڪرائڻ گهرجي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پاران ريبيز جي روڪٿام لاءِ ڪُتن جي نس بندي جو پروگرام پڻ جاري آهي، جنهن جو مقصد آواره ڪتن جي واڌ ويجهه کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ شهرين کي ريبيز جهڙي جان ليوا بيماري کان محفوظ رکڻ آهي. هن چيو ته حڪومت جي قدمن ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن سبب ريبيز جي ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن ۽ شهرين جي جان انتهائي قيمتي آهي، ان ڪري ريبيز کان بچاءَ بابت عوامي آگاهي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ريبيز جي روڪٿام لاءِ حڪومت، بلدياتي ادارن، صحت کاتي، ڊاڪٽرن ۽ عوام کي گڏيل طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ريبيز جي روڪٿام ۽ علاج لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، طبي عملو قيمتي انساني جانين جي تحفظ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي سڄي صوبي ۾ ريبيز سينٽرن جي فنڊن جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي، حڪومت ريبيز جي علاج ۽ روڪٿام لاءِ قائم سينٽرن کي ضروري وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن شهرين کي وقت سر طبي سهولتون فراهم ٿي سگهن. ان موقعي تي سياسي صورتحال بابت ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي سياست تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ ڌرڻي بدران ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته دهشتگرد ڪنهن به قسم جي نرمي جا حقدار ناهن، ملڪ ۽ عوام جي تحفظ لاءِ دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻڻ ضروري آهن. هن چيو ته سياسي اختلافن کي جمهوري ۽ ڳالهين واري طريقيڪار ذريعي حل ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿئي ۽ عوامي مسئلن جي حل تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهجي. ورڪشاپ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر خالد احمد شير، صحت کاتي جو سيڪريٽري ڊاڪٽر سراج سانگي، ڊاڪٽر سليمان، ڊاڪٽر عرفان سميت ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ورڪشاپ جي پڄاڻي تي منتظمين پاران صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي روايتي اجرڪ پارايو ويو ۽ کيس اعزازي شيلڊ پڻ پيش ڪئي وئي.