ڪوئيٽا-29 سيپٽمبر (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي ڪنهن هڪ صوبي يا علائقي جو نه پر سڄي پاڪستان جي عوام جو ادارو آهي، سمورن صوبن کي ريلوي جي سهولتن تائين هڪجهڙي پهچ فراهم ڪئي ويندي. جناح پيپلز ٽرين سروس جي شروعات بلوچستان ۽ وفاق وچ ۾ بهتر سفري رابطي طرف اهم قدم آهي، ان منصوبي جي تڪميل جو ڪريڊٽ بلوچستان جي وڏي …
سمورن صوبن کي ريلوي وسيلن تائين برابر پهچ اولين ترجيح آهي: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي
ڪوئيٽا-29 سيپٽمبر (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي ڪنهن هڪ صوبي يا علائقي جو نه پر سڄي پاڪستان جي عوام جو ادارو آهي، سمورن صوبن کي ريلوي جي سهولتن تائين هڪجهڙي پهچ فراهم ڪئي ويندي. جناح پيپلز ٽرين سروس جي شروعات بلوچستان ۽ وفاق وچ ۾ بهتر سفري رابطي طرف اهم قدم آهي، ان منصوبي جي تڪميل جو ڪريڊٽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ سندس ڪابينا ڏانهن وڃي ٿو. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي 32 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي نئين جناح پيپلز ٽرين سروس جي افتتاح جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. محمد حنيف عباسي چيو ته تقريب ۾ اميدن کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت ۽ انهن جي ڀرپور جذبي جو اظهار سٺو سنئوڻ آهي. الله تعاليٰ کين همت ۽ طاقت ڏني آهي ۽ هو پنهنجي ڳالهه جو کليل دل سان اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته ان منصوبي ۾ ريلوي واري چيئرمين ڀرپور تعاون ڪيو، جڏهن ته عوام جي موجودگي ۾ ان منصوبي جو ڪريڊٽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ سندس ڪابينا ڏانهن وڃي ٿو. وفاقي وزير چيو ته گذريل 78 سالن دوران ريلوي واري وزارت ۽ صوبن وچ ۾ رابطن جي کوٽ رهي، جڏهن ته هاڻي سمورن صوبن کي ريلوي جي سهولتن تائين پهچ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ريلوي پاڪستان ڪنهن هڪ شخص يا صوبي جو ناهي پر سمورن پاڪستانين جو آهي، هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ هن وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم واضح ڪيو ته ريلوي جي سهولتن تائين سمورن صوبن جي پهچ يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته ان معاملي ۾ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ بلوچستان سڀني کان اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي کيس تمام گهڻي خوشي آهي. محمد حنيف عباسي چيو ته ان منصوبي تي خوشي مون سميت هر ان پاڪستاني کي آهي جيڪو بلوچ، پشتون، سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابي سميت سمورين قومن کي پاڪستان جي مٿي جو موڙ سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان، ان جي آئين ۽ قانون کي مڃيندڙن لاءِ اسان جون جانيون به حاضر آهن، جڏهن ته جيڪي پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي تسليم نٿا ڪن، انهن کي قبول نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪوئيٽا ريلوي جي بلوچستان ۾ هڪ ڊگهي تاريخ آهي. جناح پيپلزپارٽي جي منصوبي لاءِ ريلوي جي ڪيرج فيڪٽري اسلام آباد ۾ بوگين جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم ڪيو ويو ۽ 120 ڏينهن ۾ منصوبي جي تڪميل ٿي، جنهن جو ڪريڊٽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ سندس ڪابينا ڏانهن وڃي ٿو. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن آهي ته مين لائن ون (ايم ايل ون) منصوبي کي عملي جامو پارائڻ آهي. وزيراعظم ايم ايل ون تحت اڍائي ارب روپين جي منصوبي جو افتتاح جو به چيو آهي، جنهن جي شروعات سنڌ کان ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان هڪ خوبصورت گلدستو آهي جنهن جي خوشبوءَ هر هنڌ پکڙجي رهي آهي. بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز بگٽي دهشتگردي خلاف پهرين صف ۾ بيٺل آهي، پاڪستان کي دنيا جي ڪا به طاقت شڪست نٿي ڏئي سگهي، اسان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن جو مقابلو ڪري چڪا آهيون ۽ جلد دهشتگردي خلاف به ڪاميابيون حاصل ڪنداسين.











