بلاول ڀٽو زرداري پاران جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ دوران ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ شهيد ٿي ويل 16 جيالن کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) دوران ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ شهيد ٿي ويل 16 جيالن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 29 سيپٽمبر 1983ع تي پنهل خان چانڊيو ۾ شهيد ٿي ويل 16 جيالن عوام جي حڪمراني جي حق، آئين ۽ جمهوريت خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪيو. اڱاري ڏينهن …

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) دوران ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ شهيد ٿي ويل 16 جيالن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 29 سيپٽمبر 1983ع تي پنهل خان چانڊيو ۾ شهيد ٿي ويل 16 جيالن عوام جي حڪمراني جي حق، آئين ۽ جمهوريت خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪيو. اڱاري ڏينهن بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنهل خان چانڊيو جي شهيدن پنهنجي رت سان ثابت ڪيو ته عوام جي حڪمراني واري حق کي دٻائي نٿو سگهجي. آمريت جي ڪاري دور ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ڏاڍ آڏو جهُڪڻ بدران جمهوريت جي بحالي لاءِ پرامن مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو. پنهل خان چانڊيو جا 16شهيد اسان جي دلين ۾ زنده رهندا ۽ سندن قربانيون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن، جن کي هميشه ياد رکيو ويندو، شهيد اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنهل خان چانڊيو جي 16 شهيدن سميت ايم آر ڊي جا سمورا شهيد اسان جي جمهوري جدوجهد جو نه وسارڻ جهڙو باب آهن. ايم آر ڊي جا سمورا شهيد اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهندا، انهن جا نالا ايندڙ نسلن لاءِ جمهوريت جي جدوجهد جي روشن علامت رهندا.