ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت پائلٽ پروجيڪٽ آءِ ورڪ فار سنڌ آٽو سي وي ڪريئيٽر سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نئين ٽيڪنالاجي ذريعي اميدوار پنهنجو پيشيوراڻو پروفائيل منظم انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سي وي تيار ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نوجوانن کي روزگار …
سنڌ حڪومت پاران پائلٽ پروجيڪٽ آءِ ورڪ فار سنڌ آٽو سي وي ڪريئيٽر سسٽم متعارف
ڪراچي-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت پائلٽ پروجيڪٽ آءِ ورڪ فار سنڌ آٽو سي وي ڪريئيٽر سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نئين ٽيڪنالاجي ذريعي اميدوار پنهنجو پيشيوراڻو پروفائيل منظم انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سي وي تيار ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نوجوانن کي روزگار لاءِ بهتر انداز ۾ درخواست ڏيڻ جي قابل بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت روزگار جا موقعا، مهارتون، پيشيوراڻي تربيت ۽ ڪيريئر گائيڊنس فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. ھڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آءِ ورڪ فار سنڌ پليٽ فارم تي 718 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن ۽ هن وقت 21 هزار 233 فعال ملازمتن جا موقعا موجود آهن، جڏهن ته پليٽ فارم ذريعي هاڻي تائين 4 لک 71 هزار کان وڌيڪ ملازمتن جون درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن. هن چيو ته لرن اينڊ ارن پروگرام تحت 1800 کان وڌيڪ عالمي سطح تي تسليم ٿيل شارٽ ڪورسز تائين پھچ فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ھن وقت تائين 4 هزار 470 کان وڌيڪ اميدوار ڪورسز ڪاميابي سان مڪمل ڪري چڪا آهن ۽ 5 هزار 225 کان وڌيڪ اميدوار هن وقت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ايندڙ هدف آءِ ورڪ فار سنڌ کي وڌيڪ جديد ۽ ذهين ڊجيٽل ايمپلائيمينٽ پليٽ فارم ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان مقصد لاءِ پليٽ فارم تي اي آءِ پاورڊ ڪيريئر اينڊ جاب اسسٽنس ايجنٽ تيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو اميدوارن کي ملازمتن جي ڳولا، فلٽرنگ، ڪيريئر گائيڊنس ۽ ٻيون ڊجيٽل سهولتن فراهم ڪندو. هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ موجود ملازمتن کي سڌو سنئون پليٽ فارم سان ڳنڍڻ لاءِ آٽو جاب انٽيگريشن سسٽم پڻ تيار ڪيو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آٽوميشن نظام جي شروعاتي تياري ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ ايندڙ ڏيڍ کان ٻن مهينن دوران متوقع آهي، جڏهن ته ان سان گڏ ڊيلي جاب الرٽس پڻ متعارف ڪرايا ويندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد هڪ جديد ڊجيٽل روزگار ۽ ڪيريئر ايڪو سسٽم قائم ڪرڻ آهي، ته جيئن نوجوانن کي روزگار جا بهتر موقعا، پيشيوراڻي تربيت ۽ ڪيريئر جي رهنمائي هڪ ئي پليٽ فارم ذريعي فراهم ڪري سگهجي.











