اليڪشن ڪميشن جي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس ۾ ڪي پي حڪومت کي وڌيڪ ٽن هفتن جي مهلت، ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي ڪيس ۾ ڪي پي ڪي حڪومت کي وڌيڪ ٽن هفتن جو وقت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اڱاري ڏينهن خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن ۾ ٿي. سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، خيبرپختونخوا جو چيف سيڪريٽري ۽ بلدياتي سيڪريٽري …

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي ڪيس ۾ ڪي پي ڪي حڪومت کي وڌيڪ ٽن هفتن جو وقت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اڱاري ڏينهن خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن ۾ ٿي. سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، خيبرپختونخوا جو چيف سيڪريٽري ۽ بلدياتي سيڪريٽري به ڪميشن ۾ پيش ٿيا. اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ٻڌايو ته قانونسازي جي حوالي سان اڃان تائين ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي، ظاهر ۾ صوبائي حڪومت بلدياتي چونڊون نٿي ڪرائڻ چاهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت چاهي ته اليڪشن ڪميشن سان ويهي ٻن ڏينهن ۾ سڄو ڪم مڪمل ڪري سگهجي ٿو، حڪومت طرفان ڏنل ٿريش هولڊ موجب تڪ بنديون به ڪري سگهجن ٿيون. خيبرپختونخوا جي ميمبر چيو ته موجوده قانون موجب تڪ بنديون ڇو نه پيون ڪرايون وڃن، جڏهن ته بلديات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ترميمن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ سفارشون ڪابينا ڏانهن موڪليون وينديون. چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته 30 کان 40 هزار آبادي جو ٿريش هولڊ ڏنو ويو آهي، تڪ بنديون ٿيڻ کانپوءِ يونين ڪائونسلز جو انگ واضح ٿيندو. پنجاب جي ميمبر صوبائي حڪومت کان هڪ هفتي ۾ واضح موقف وٺي اچڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته قانونسازي ڪيستائين مڪمل ٿي ويندي. اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي حڪومت کي وڌيڪ ٽن هفتن جو وقت ڏيندي بلدياتي واري صوبائي وزير کي طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں